سرڪاري آفيسر جي گهر ۾ پائيپ لائن مان نوٽ برآمد

0
810
سرڪاري آفيسر جي

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) سرڪاري آفيسر جي گهر ۾ پائيپ لائن مان لکين رپين جا نوٽ ۽ سون هٿ ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ اينٽي ڪرپشن بيورو جي هڪ ٽيم سرڪاري آفيسر جي گهر تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران پبلڪ سروس ڊپارٽمينٽ جي انجنيئر جي گهرجي پائيپن مان لکين رپين جا نوٽ نڪري آيا

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو چوڻ آهي ته پائيپن ۾ لڪايل 25 لک رپيا روڪ ۽ وڏي مقدار ۾ سون هٿ ڪيو ويو آهي. عملدارن موجب اها پائيپ لائن خاص طور نوٽ لڪائڻ لاءِ ٺهرائي وئي هئي. واضح رهي ته ڀارت ۾ سرڪاري ڪرپٽ آفيسرن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.