سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ گئس جو بحران سنگين ٿي ويو، ٻار بُکن تي اسڪول وڃڻ تي مجبور

0
392
سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ گئس جو بحران سنگين ٿي ويو، ڪراچي ۾ گئس جي بندش ۽ پريشر گهٽ هُجڻ سبب شهري پريشاني ۾ ورتل  آھن، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ به صورتحال خراب ٿي وئي آھي، شهرين جو چوڻ آهي ته گئس جي بندش سبب کاڌو پيتو تيارڪرڻ چيلينج بڻيل آهي، حڪومت نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرائي

ڪراچي سوڌو ملڪ جي مختلف شھرن ۾ گئس نھ ھجڻ ڪري گھرن جا چُلھا ٿڌا ٿي ويا، شھرين کي مھانگائي ۾ روز روز ھوٽل تان ماني خريدڻ مشڪل ٿي ويو آھي، عورتن جو چوڻ آھي تھ ٻارن کي بکن تي اسڪول موڪلڻ تي مجبور آھيون، مرد ڪمائين يا ڪاٺيون گڏ ڪن

ملتان ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف عورتون رستن تي نڪري آيون ۽ ھنن جو چوڻ ھو تھ سيءُ شروع ٿيندي ئي گئس غائب ٿي وئي آھي، حڪومت فوري طور تي گئس فراھم ڪرڻ جو انتظام ڪري

ھي به پڙھندا

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند، عوام سخت پريشان