سريلنڪن وڪيٽ ڪيپر ڪوشال پريرا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

0
217

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوشال پريرا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. سريلنڪن بورڊ جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ سمورن ڪرڪيٽرن جي ڪورونا ٽيسٽ ٿي، جنهن جو نتيجو ڪالهه سامهون آيو. بورڊ موجب وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوشال پريرا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد پريرا کي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.