گهوٽڪي پريميئر ليگ ٽورنامينٽ گرين اسٽار کٽي ورتو

0
441

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پريميئر ليگ جو فائنل گرين اسٽار کٽي ورتو، ڄام اظهر 62 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي نمايان رهيو. ان ڏس ۾ گهوٽڪي ۾ ٿيل ڪرڪيٽ جي ايونٽ ۾ 8 ٽيمون ميدان تي لٿيون، حيدرآباد، سکر، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ رحيميار خان جي رانديگرن شرڪت ڪري بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ايونٽ جي فائنل ۾ گرين اسٽار گهوٽڪي ۽ جيئي لطيف ٽيمون پهتيون، جن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. گرين اسٽار پهريان کيڏندي مقرر 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنز جو هدف ڏنو، جنهن ۾ ڄام اظهر 62 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي نمايان رهيو، جڏهن ته اڪمل 28 ۽ مير 20 رنز جي اننگز کيڏي. جواب ۾ جيئي لطيف جا رانديگر گرين اسٽار جي بالرن جي رفتار آڏو بيهي نه سگهيا ۽ سموري ٽيم 110 رنز تي ڍير ٿي وئي، رانا محسن 58 رنز جي اننگز کيڏي پر ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو، عثمان 25 رنز ٺاهيون. گهوٽڪي گرين اسٽار طرفان مير ۽ تيمور سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون. ايونٽ ۾ مشتاق خان ڪولاچي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، اڪرم ڀٽي، ايڊووڪيٽ رفيق چاچر پڻ ايونٽ ۾ موجود هو.