جيڪب آباد: سردار سجاد بليدي جو مقتول شريف خان بليدي جي قتل ڪيس ۾ گرفتاري بعد بلوچستان ھاءِ ڪورٽ پاران حفاظتي آرڊر به سامھون اچي ويو جنهن ۾ عدالت سڳوري گرفتار جوابدار سردار سجاد بليدي جي مقتول شريف بليدي جي قتل ڪيس ۾ ھڪ لک رپين عيوض 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي. جيڪب آباد پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته اھڙو ليٽر سوشل ميڊيا تي نظر آيو آهي پر اسان جي ٽيم ڪوئيٽا ويل آهي اتي تصديق ٿيندي ته واقعي عدالت پاران جاري ٿيل ليٽر تصديق ٿيل آهي.