ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي شيرشاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ اندر سلينڊر ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گذريل ڏينهن شيرشاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ اندر ماشا الله گدام ويجهو واقع هڪ دڪان اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زوردار دماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ۽ 2 زخمي ٿيا، پاڪ ڪالوني پوليس موجب ڌماڪي ۾ مارجي ويل جي سڃاڻپ 40 ورهين جي اعجاز طور ٿي آهي، پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاج ۾ خبر پوي ٿي ته گاڏين جا پرزا ڪٽڻ لاءِ گيس سلينڊر گدام ۾ رکيل جو جيڪو ڦاٽو آهي، مارجي ويل شخص جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمين جو سول اسپتال ۾ علاج ڪيو پيو وڃي.