جيڪب آباد (رپورٽر) 6 مھينا اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ شريف خان بليدي جي قتل ڪيس جي مک جوابدار سردار سجاد بليدي کي بلوچستان جي سي ٽي ڊي پوليس سرياب جي علائقي مان گرفتار ري سرياب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. فريادي مقتول جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ حنيف خان بليدي ٻڌايو ته ڀاءُ جي ڪيس ۾ مک جوابدار سجاد بليدي سرياب پوليس جي حراست هيٺ آهي جيڪب آباد پوليس کي اھڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي ترجمان موجب ته جوابدار جي حوالگي لاءِ جيڪب آباد پوليس بلوچستان پوليس سان رابطي ۾ آهي ۽ ڊي ايس پي سي آءِ اي پوليس جي اڳواڻي ۾ ٽيم کي روانو ڪيو ويو آهي مک جوابدار کي آڻي دھشتگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته شريف بليدي کي 23 نومبر تي شڪارپور روڊ تي نرسنگ ڪاليج وٽ قتل ڪيو ويو هو جنهن جي قتل جو ڪيس سول لائن ٿاڻي تي ڀاءُ حنيف خان بليدي جي فرياد تي دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ سردار سجاد بليدي، ڀاءُ عرفان بليدي، سندس پٽ ريحان بليدي، عيد محمد بليدي، عمران بليدي، احمد نواز ٽڪري نامزد ڪيا ويا هئا. شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 جنوري تي پنج جوابدارن سردار سجاد بليدي، عرفان بليدي، ريحان بليدي، عيد محمد بليدي ۽ احمد نواز ٽڪري جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا.