ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري شھر ۾ اڳوڻ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ منظور ٿيل مڇي مارڪيٽ جو ڪم گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آٓهي ۽ مڇي وچ شھر ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي. شھر ۾ اڳوڻي وزير اعليٰ  سنڌ سيد قائم  علي شاه جي دور ۾ منظور ٿيل مڇي مارڪيٽ جو ڪم گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي جنهن جي ڪري مڇي وچ شھر ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي جنهن سبب گندگي وڌي رهي آهي مڇي جا واپاري ۽ عام شھري سخت پريشان آهن ھتان جي شھرين اختر گبول افضل لاشاري ذولفقار ڪلمتي ۽ ٻين وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي مڇي مارڪيٽ جو رھيل ڪم مڪمل ڪرائي وچ شھر ۾ گندگي ختم ڪرائي وڃي.