خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٿنڀي تي چڙهي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب واپڊا جو پرائيويٽ مستري فوت، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. خبر موجب خيرپور مل ڪالونيءَ جو رهواسي بشير سومرو ٿنڀي تي چڙهي بجلي ٺاهي رهيو هو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب زمين تي ڪري سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو، جتي هُو زخمن جا سُور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته واپڊا سيپڪو خيرپور جو مقامي لائين مين پورهيت بشير سومرو کان معمولي معاوضي تي ڪم وٺندو رهندو هو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتيءَ جو لاش گهر پهچايو ويو ته ڪهرام مچي ويو.