ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي آءِ بي ٽيسٽ پاس اميدوارن ضلعي جي عملدارن طرفان پاس مارڪن ۾ 40 فيصد هجڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن الفتاح چوڪ کان آءِ بي  ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ رياض سومرو ، حمزه خان يوسفزئي ، ارسلان علي ، بلال شيخ ، صدام حسين ، فراز کوسو ، دلاور حسين پنهور ، اقبال شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو . اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ جي آءِ بي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه طرفان 40 فيصد مارڪن حاصل ڪرڻ تي آفر آرڊر ڏيڻ جي حڪم باوجود ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪرپٽ عملدارن آفر آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ مرد ۽ عورت جي مقرر ڪيل سيٽن ۾ مرد اميدوارن کي نظر انداز ڪندي ، عورت اميدوارن کي وڌيڪ سيٽون ڏئي سر عام رشوت ورتي وڃي پئي جنهن جو اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ عملدارن خلاف فوري طور ڪاروائي ڪري کين برطرف ڪيو وڃي ۽ 40 فيصد مارڪون حاصل ڪندڙ آئي بي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن . ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين.