سامارو (ن پ ا) 2013 ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيل سماجي شخصيت پروين رحمان جي جوابدارن جي  سزا معاف ڪرڻ خلاف سامارو ۾ سماجي تنظيم ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي   فقير محمد شاهاڻي، منير احمد، اسد الله،  روشن بهراڻي، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پروين رحمان کي 2013 ۾ سماجي ڪم  ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو ھو، جوابدارن جي سزا ختم ڪئي وئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي سزا ڏني وڃي.