جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ شھرين سان فراڊ ڪندڙ عدالتن مان روپوش جوابدار سني ڪمار پرڏيهه فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سني ڪمار خلاف شهري رياض جکراڻي 20 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڪيس 10 فيبروري تي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو  هو، جنهن ۾ جوابدار جي عدالت 3 ڀيرا ضمانت رد ڪئي هئي.ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي جيڪب آباد 19 جولائي تي نادرا اختيارين کي ليٽر لکي جوابدار سني ڪمار جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ لکيو ويو پر ان باوجود به جوابدار سني ڪمار 17 آڪٽوبر تي واگها رستي پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي رياض جکراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار سني 20 لک جو ڪوڙو چيڪ ڏنو، ان ڪيس ۾ 3 ڀيرا پڻ ضمانت رد ٿيل آهي ۽ ايس ايس پي پاران جوابدار جي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ لاءِ نادرا اختيارين کي ليٽر لکيو ويو پر ان باوجود به جوابدار آساني سان فرار ٿي ويو آهي.واضح رهي ته جوابدار سني ڪمار تي شھرين سان 5 ڪروڙ کان مٿي فراڊ ڪرڻ جو الزام آهي.