اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي پاران سائفر آڊيو انڪوائري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڄ طلبي لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ايف آءِ اي اختيارين موجب شاهه محمود قريشي کي اڄ 3 نومبر تي طلب ڪندي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو آهي، ٽن نوٽيسز تي حاضر نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي ويندي.