ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت متحده اڳواڻن خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير وارن 3 ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار، اڳوڻي ميئر وسيم اختر، خواجا اظهار الحسن، عامر خان، رئوف صديقي، قمر منصور، جاويد رحيم ۽ محمود عبدالرزاق  کي آجو ڪري ڇڏيو، متحده اڳواڻن خلاف 2016ع  ۾ ملير سٽي، سچل ۽ برگيڊ  ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا، پوليس موجب جوابدارن تي متحده باني جي  چڙ  ڏياريندڙ تقرير ۾ سهولتڪاري جو الزام پڻ هو، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ متحده اڳواڻ بابر غوري خلاف جاري ڳجهي انڪوائري ۽ جاچ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن طرفان اڌورا جواب جمع ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  آءِ جي سنڌ، اينٽي ڪرپشن کاتي، نيب ۽ ٻين کان 15 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت چيو ته جيڪڏھن سڄي سنڌ جي پوليس ٿاڻن جو جامع جواب جمع نه ڪرايو ويو ته آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو،