سئي سدرن گيس جا 8 سنڌي آفيسر برطرف، 400 آفيسرن جون لسٽون تيار

0
705

ڪراچي: سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ چار مهينا اڳ نئين مقرر ايم ڊي عمران منيار بغير نوٽيس ڏيڻ جي 8 سنڌي آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو، پ پ پ دور ۾ آرڊيننس ذريعي بحال ڪيل 400 سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن جن کي پڻ برطرف ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ، گذريل جمعي واري ڏينهن جن سنڌي آفيسرن هي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي، انهن آفيسرن حيدرآباد جو ڊپٽي جنرل مينيجر صلاح الدين ظفر ميمڻ، ٺل ۾ مقرر انجنئر يشپال داس، گهوٽڪي ۾ مقرر ٿيل زونل انجنئر سجاد علي، جيڪب آباد ۾ مقرر ٿيل زونل انجنئر سجاد علي سرڪي، زونل انجنيئر عبد الواحد کوسو،، ٺل ۾ مقرر انجنئر سرور، ڪراچي هيڊ آفيس ۾ مقرر مينيجر سيلز تلسيداس، ۽ انجنيئر غلام سرور شامل آهن انهن سمورن آفيسرن کي جمعي واري ڏينهن ڌار ڌار ليٽر ڪڍي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي، آمريڪا مان آيل نئين ايم ڊي عمران منيار بابت چيو پيو وڃي ته هو زلفي بخاري جو ويجهو ماڻهو آهي، ان جمعي واري ڏينهن. اهي به هدايتون جاري ڪيون آهن ته پيپلز پارٽي دور ۾ 2008 ع ۾ آرڊيننس ذريعي بحال ڪيل سنڌ جي 400 ملازمن جون لسٽون پڻ تيار ڪيون وڃن، جن آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 2002 ۾ بحال ٿيا هئا.