حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ ۽ چوري جون 11 وارداتون

0
251

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ ۽ چوري جون 11 وارداتون ٿيون آهن، جن دوران شهري لکين رپيا روڪ رقم ۽ قيمتي سامان کان محروم ٿي ويا. پوليس وارداتن کي روڪڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگهي. علائقي واسين مڙسي ڪري هڪ چور پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب قاسم آباد جي هڪ گهر ۽ دڪان جا تالا ٽوڙي چور فرج، يو پي ايس، بيٽري، ايئرڪولر ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، راهوڪي ٿاڻي جي حد مان ايمبولنس ڦر ٿي وئي، لطيف آباد مان ڦورو ڳئون جو ڦر گاڏي ۾ وجهي فرار ٿي ويا، سيري ۾ اڻڄاتل چور ٽن دڪانن جو صفايو ڪري ويا.