ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام به 16 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر فتح محمد مري جي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سمورين فيڪلٽين جي ڊينز، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي ،ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ منظور علي مگسي سميت لاڳاپيل شعبن جا ڊائريڪٽر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ فيلصو ڪيو ويو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جو مُک ڪئمپس، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ايگريڪلچر انجنيئرنگ ڪاليج ،سب ڪئمپس عمر ڪوٽ 16 مئي تائين بند رهندا، ڄاڻيل ڪئمپسن ۾ تدريسي عمل بند رهندو، جڏهن ته زرعي يونيورسٽي ضروري شعبن جا سربراهه ۽ ڪجهه عملو حاضر رهندو.