اسلام آباد (م ڊ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيار ڪيل وينٽيليٽر ناڪارا آهن، اهي 16 مان صرف 4 فنڪشنز تي پورا لهن ٿا، اسان وٽ ڪورونا ايمرجنسي لاءِ آڪسيجن ۽ ضروري ذخيرو موجود نه آهي، اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ هنگامي طور تي فعال ڪرڻ ۾ به مسئلا آهن. اسلام آباد ۾ نسٽ يونيورسٽي جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اسان وٽ اين ٽي سي او پرائيويٽ ڪمپني وينٽيليٽر ٺاهي رهي آهي پر اسان جا وينٽيليٽرز 16 مان صرف 4 فنڪشنز تي پورا لهن ٿا.