عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطي لاءِ انتظاميه ھنگامي بنيادن تي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ماسڪ پائڻ لازمي قرار، عوامي ھنڌن تي پاڪ فوج ۽ پوليس طرفان ڪورونا کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون. ڪورونا وائرس جي پيدا ٿيل ٽئين لھر تي ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ انتظاميه ھنگامي بنيادن تي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آھي. جڏھن ته پاڪ فوج پڻ ھن ڏکئي وقت ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ پُھچي وئي، شهر جي مختلف عوامي هنڌن سميت مسافر بسن ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس مسافرن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي وٿي رکڻ جي هدايت ڪئي. جڏھن ته پوليس پاران پڙهو گهمائي ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آھن ته ڪورونا وبا تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪريو ۽ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪريو، بغير ماسڪ جي ٻاهر نڪرندڙ ۽ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.