ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جي شدت کي ڏسندي سمورا هائير سيڪنڊري اسڪول فوري طور تي بند ڪيا ويا جڏهن ته پرائمري ۽ مڊل اسڪل پهرين کان ئي بند آهن. ثانوي تعليم جي سيڪريٽري شير خان بازئي طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي جي هدايت تي بلوچستان ۾ سمورن هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول فوري طور تي بند ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب صوبي جا سمورا اسڪول عيد الفطر تائين بند رهندا. ان کان اڳ تعليم کاتي بلوچستان ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪول عيد الفطر تائين بند ڪيا هئا.