ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي ) سنڌ زرعي تحقيقي اداري جي فائونڊيشن سيڊ سيل ۾ ڪڻڪ گھٽ لهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ زرعي تحقيقي ادري جي فائونڊيشن سيڊ سيل جي سال 2019-20 ،2020-21 ۽ سال 2021-22 جا ڪڻڪ جي پيداوار جا  انگ اکر پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتا آهن جنهن تحت 500  ايڪڙ کان وڌيڪ زمين مان سال 19-20 ۾ 1561 مڻ ڪڻڪ جو ٻج حاصل ٿيو. جڏهن ته سال 20-21 ۾ اپت وڌيڪ گھٽجي رڳو 923 مڻ وڃي رهي. ان کان سواءِ سال 21-22 ۾ 1117 مڻ ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ٿي سگهي. پنهنجي اخبار پاران رابطوي ڪرڻ تي ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو ته في ايڪڙ سوا مڻ کان مٿي  ٻج پوکيو ويندو آهي، زرعي تحقيقي اداري جي ڪامورن پنهنجي زمين ۾ اڇلايل ٻج کان به گهٽ پيدوار حاصل ڪئي آهي. زراعت کاتو ملوث ڪامورن کي فوري طور جيل ۾ وجهي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کان جاچ ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ڪامورن کي وائکو ڪيو وڃي. ايوان زراعت ڪمو شهيد کان ڪراچي تائين هنن ناسور ڪامورن کي وائکو ڪندي، اهڙا ڪامورا سنڌ جي زراعت لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن. هوڏانهن پنهنجي اخبار پاران گڏيل انگ اکرن موجب سنڌ زرعي تحقيقي اداري فائونڊيشن سيل جي نصير آباد ۾ 354 بگٽي فارم لاڙڪاڻو ۾ 35 سرحد فارم گهوٽڪي ۾ 100 پڊ عيدن ۾ 45،سڪرنڊ ۾ 50  ،ٽنڊو ڄام ۾ 50 ،ڏوڪري ۾ 60 پنگريو ۾ 25 ايڪڙ زمين آهي ،جڏهن ته سيڪريٽري زراعت موجب سنڌ جي زرعي تحقيقي اداري جي مجموعي طور 1900  ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين آهي.