ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي ذڪريا ڳوٺ ۾ قبضن خلاف آپريشن، شهرين جي سخت مزاحمت، پٿراءَ، پوليس جي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، نجي ٽي وي جي ڊي ايس اين جي وين تي به ڏنڊا وسايا ويا، ڪيترائي زخمي، 5 گرفتار، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر جي بلاڪ 4، 6، 10 ۽ 11 ۾ ڪي ڊي اي جي زمين تان قبضا هٽائڻ جا حڪم ڏنا هئا، جنهن آڌار انتظاميا پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ رينجرز جي مدد سان هيوي مشنري ذريعي بلاڪ 10 ۾ واقع ذڪريا ڳوٺ پهچي آپريشن شروع ڪيو، جنهن جي  رهواسين سخت مزاحمت ڪئي، شهرين وڻ وڍي روڊ تي رکي ڇڏيا، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو، موٽ ۾پوليس مظاهرين تي شيلنگ ڪئي ته مظاهرين پوليس تي پٿراءَ ڪري ڏنو، جنهن سبب 5 ڪلاڪن تائين علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پٿر لڳڻ سبب پوليس موبائلن ۽ گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، پٿر لڳڻ سبب ڪيترائي ميڊيا ورڪر ۽ اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيا، مڇريل ماڻهن نجي ٽي وي جي ڊي ايس اين جي وين تي به ڏنڊن سان حملو ڪيو، جنهن سبب گاڏي کي نقصان پهتو. ڇڪتاڻ سبب گيس، بجلي ۽ پاڻي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ لاءِ آيل لاڳاپيل ادارن جا ملازم ڀڄي ويا، ڇڪتاڻ سبب ٽريفڪ جو نظام به درهم برهم ٿي ويو. پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته هنن ڪي ڊي اي کان پلاٽ خريد ڪيا آهن، جن جا ڪاغذ به موجود آهن، هاڻي اسان کي بي گھر ڪيو پيو وڃي، اسان سوين گھر ڊاهڻ نه ڏينداسين، ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن عبدالستار موجب گلستان جوهر ۾ ڪي ڊي اي جي 30 ايڪڙ زمين تي قبضا ٿيل آهن، اسان عدالتي حڪمن تي آپريشن شروع ڪيو، نفري گھٽ هئي ، پوليس جي وڏي نفري آدمشماري ڊيوٽي ۾ مصروف آهي. هن چيو ته اڄ  مڪمل تياري سان آپريشن ڪيو ويندو