مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي مرڪزي امام بارگاھ محلي ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان  جهيڙو  ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ پنجوديرو واسي نوجوان واجد پٽ ديدار شيخ موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻه نوجوان خيرالدين ۽ امتياز شيخ زخمي ٿي پيا، نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي پوليس کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي پيرسن امڙ سڪينا خاتون شيخ ٻڌايو ته مدئجي ۾  شادي تي آيل هئاسين مظفر شيخ بندوق جا فائر ڪري منهنجي پٽ کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو آهي. هوڏانهن مدئجي پوليس موقف ڏيندي ٻڌايو ته  شيخ برادري جي ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان نوجوان قتل ٿيو آهي،  استعمال هيٺ ايل بندوق هٿ ڪئي آهي جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن, پوليس جوابدار ڌر جي گهر تي ڪارروائي ڪري گهر ۾ بيٺل 12 کان مٿي ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث اباڻي ڳوٺ پنجوديرو کڻائي ويا.هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.