واشنگٽن (دلچسپ نيوز) رڇ ٿنڀي تي چڙهي ويو، علائقي جي بجلي بند ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ايريزونا جي شهر ولڪوس ۾ انوکو واقعو پيش آيو، ٿلهو متارو رڇ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو جنهن سبب شهري پريشان ٿي ويا، علائقي واسين رڇ کي بچائڻ لاءِ فوري طور اليڪٽرڪ ڪمپني کي اطلاع ڪيو، ڪمپني اطلاع ملندي ئي علائقي جي بجلي بند ڪري ڇڏي، جڏهن ته هڪ ريسڪيو ٽيم کي پڻ روانو ڪيو ويو جنهن ڄاڻايل هنڌ پهچي ڪارروائي ڪئي،ريسڪيو ٽيم 8 فوٽ ڊگهي فائبر گلاس اسٽڪ کي استعمال ڪيو، وڏي جدوجهد بعد رڇ کي بنا ڪنهن زخم پهچڻ جي هيٺ لاٿو ويو. اليڪٽرڪ ڪمپني جي عملدار ٻڌايو ته رڇ پول تان هيٺ اچڻ بعد جهنگ ڏانهن روانو ٿي ويو.