واشنگٽن (دلچسپ نيوز) زيبرا پوليس جون ڊوڙون لڳرائي ڇڏيون، دلچسپ وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ٽيننسي ۾ چڙيا گهر مان هڪ ناياب زيبرا فرار ٿي ويو، زيبرا 3 ڪلاڪن تائين شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ کلي عام ڀڄندو رهيو، پوليس کيس پڪڙڻ جي ڀرپورڪوشش ڪئي پرسموريون ٽڪون ناڪام ٿي ويون، جنهن بعد وائلڊ لائيف جي عملي کي طلب ڪيو ويو، وائلڊ لائيف عملي جي پهچڻ بعد پوليس هڪ اسڪول ٻاهران کيس پڪڙي ورتو.