شاهپورچاڪر (ن پ ا)بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ ريلي دوران ڇڪتاڻ  پيدا ٿي پئي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين ۾ ڏند چڪ ٿيا ۽ الرون ڪيون ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ جي ريلي ٻرهون شهر مان گذري ته ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن طرفان هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جنهن دوران ڪارڪن هٿين پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي مٿان الرون ڪيون، ان ڏس ۾ پوليس ۽ موقعي تي موجود شهرين وچ ۾ پئي جهيڙي کي ٽاريو، جڏهن ته ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، بعد ۾ پ پ جي ريلي گذري وئي،