خيرپور (رپورٽر) مڪاني چونڊن ۾ يوسي ميهر علي ۾چيئرمين جي اميدوار  ۽ پ پ اڳواڻ نظير ڦلپوٽي پنهنجي وڪيلن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس خلاف سيشن ڪورٽ روڊ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪندڙ عبدالرسول ڦلپوٽي جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته مون عبدالرسول ڦلپوٽي کان ديهه گجو ۾ 32 ويسا زرعي زمين ۽ ٻه پلاٽ 2 ڪروڙ 30 لک رپين ۾ خريد ڪيا جن مان کيس هڪ ڪروڙ رپيا ادا ڪري چڪو آهيان، کاتو حوالي ڪرڻ تي کيس بقايا رقم ادا ڪئي ويندي. احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري مون مٿان بي بنياد الزام مڙهڻ وارو عمل مخالفن جي سوچيل سمجهيل سازش آهي.