ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي گلستان جوهر ۾ غير قانوني اڏاوتون ۽ حددخليون نه هٽائڻ تي ڪي ڊي اي عملدارن کي ڇنڊ، هڪ مهيني اندر حددخليون هٽائي ڊي سي اولهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس  ڏيندي چيو ته رياست ڪٿي آهي؟ ٽي چار هزار ماڻهو اچي بيھندا ته ڇا حڪومت پوئتي ھٽي ويندي؟  جنهن تي ڪي ڊي اي جي وڪيل چيو ته اسين ڪارروائي لاءِ وڃون ٿا ته  امن امان جو مسئلو پيدا ٿي وڃي ٿو، ڪي ڊي اي عملدارن تي به حملا  ٿيا آهن، اسان جا 3، 4 ملازم به مارجي ويا آهن، وقت ڏنو وڃي ته لکت ۾ جواب جمع ڪرائينداسين، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته اسان کي توهان جي نام نهاد رپورٽ نه گهرجي، اسان کي ٻڌايو ته توهان اهو قبضو ڪڏهن ختم ڪرائيندا؟  ھر ٻڌڻي تي اچي چئو ٿا ته رينجرز گھرجي، توهان جو ڪم حددخلين تي ضابطو آڻڻ آهي، فوري ڪارروائي ڪريو، ٻي صورت ۾ ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي قبضو ختم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.