سانگهڙ/ورڪشاپ (نمائندن وٽان) سانگهڙ ويجهو 7 ٻارن جي ماءُ مهمان ٿي آيل ويڳي پٽ هٿان قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب منگي ٿاڻي جي حد چڪ نمبر ست ۾ 7  ٻارن جي ماءُ فرزانا کي مهمان ٿي آيل ويڳي پٽ منير مري گهر ۾ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا فرزانا جي ڌيءُ سونيا ٻڌايو ته سندس امڙ جي پهرين شادي منهنجي پيءُ منشا سان ٿيل هئي، جنهن مان منهنجو ڀاءُ علي رضا پيدا ٿيو، بعد ۾ منهنجي والد منشا منهنجي ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ امڙ جي شادي سيٺارجا واسي قلندر بخش مري سان ٿي، جيڪو چڪ نمبر 7 جو رهواسي آهي، سونيا ٻڌايو ته منهنجي ماءُ کي قلندر بخش مري مان پنج ٻار ٿيا، جڏهن ته قلندر بخش مري جي هڪ شادي اڳ به ٿيل هئي، جنهن مان جوابدار منير مري، محمد حفيظ مري پٽ هئا، منهنجو ويڳو پيءُ قلندر بخش مري قتل ٿي ويو هو، منهنجي ماءُ فرزانه ۽ مان گڏجي چڪ نمبر 7 ۾ رهائش اختيار ڪئي، سونيا ٻڌايو ته جوابدار منير مري جي ڀاءُ محمد حفيظ مري سان منهنجي پسند جي شادي ٿي آهي، جوابدار منير مري منهنجي ماءُ جي شادي ۽ منهنجي شادي ۾ خوش نه هو، منهنجي ماءُ ۽ مون کي پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، سونيا ٻڌايو ته منير مري اسان جي جڏهن گهر آيو ته منهنجي ماءُ تمام خوش ٿي ۽ هن کي چانهه جي صلاح ڪئي، منهنجي ماءُ مون کي چانهه ٺاهڻ لاءِ چيو، ان دوران جوابدار منهنجي ماءُ فرزانه ڀٽي کي گوليون هڻي ماري پنهنجي دوست جي ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.