روھڙي ڪئنال جا در بند ڪري پاڻي ڪنڊيارو جي ڇنڊڻ وٽان درياھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو واپس

0
573

روهڙي ڪينال جا در بند ڪري پاڻي ڪنڊيارو جِي ڇنڊڻ وٽان درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو شهرين جَي سخت احتجاج بعد واپس ورتو ويو آھي

ڪنڊيارو ۾ آبپاشي وزير ڄام خان شورو جِي صدارت ۾ اجلاس دوران فيصلو ٿيڻ کانپوءِ ڪنڊيارو، ٺارو شاهه، درٻيلو ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن جَي رهواسين ڇنڊڻ موري پهچي بند ڪيل در کولي ڇڏيا

Rickshaw tragedy: 22 bodies retrieved from canal in DI Khan

چيف انجنيئر سکر بيراج سردار علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، عوام ۾ سخت ڪاوڙ آهي، شهرين سان وڙهي نٿا سگهون، تنهنڪري ڇنڊڻ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ وارو فيصلو عارضي طور ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون ٿا

شهرين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڻي ايم اين وي ڊرينز وٽان ڇوڙ ڪيو ويندو ته بند ٽٽي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڊيارو، درٻيلو، ٺارو شاهه ۽ ٻيا ڀروارا شهر توڙي سوين ڳوٺ ٻڏي ويندا

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل ڪَٽ جي پاڻي سيوھڻ جي 5 يوسيز ۽ شھباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار