منڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل ڪَٽ جي پاڻي سيوھڻ جي 5 يوسيز ۽ شھباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو

0
379

ڪراچي (نمائندن وٽان) منڇر ڍنڍ کي باغ يوسف ۽ آر ڊي 50 کان 52 تائين لڳل ڪَٽ جي پاڻي سيوهڻ جي 5 يوسيز ۽ شهباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو، ايئرپورٽ جي مختلف حصن ۾ 5 فُٽ جيترو پاڻي بيٺل، منڇر جو پاڻي يوسي واهڙ ۽ جعفر آباد ۾ ڪاهي پيو

 سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، پاڻي سيوهڻ جي ڳوٺ بچل چنا وٽ انڊس هاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو آھي

ميھڙ ۾ رنگ بند وٽ پاڻي جو دٻاءُ برقرار، شهري رات جو بند تي پهرو ڏيڻ لڳا آھن، رنگ بند وٽ پاڻي جو دٻاءُ برقرار،  مختلف هنڌن کان پيل روڻيون شهرين بند ڪري ورتيون

شهرين پاران رنگ بند کي  مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن، بند کي ڪٽ ڏيڻ جي خدشي سبب  علائقي واسي هٿيار کڻي رات  جو بند تي پهرو ڏيڻ لڳا

برسات ۽ ٻوڏ متاثر واهر نه ٿيڻ سبب  سخت تڪليفن ۾ مبتلا، ڪيترائي  ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن

ميرپور ٻرڙو ۾ برساتي پاڻي ٺل جيڪب آباد روڊ تان اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو آھي، ميرپور ٻرڙو جي مختلف علائقن  مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

پاڻي ٺل جيڪب آباد  مين روڊ تان اوور ٽاپ ٿي  مختلف ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آھي، ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ  زمينون پاڻي هيٺ آهن، لڏپلاڻ  تي مجبور آهيون

سڪرنڊ ۾ تعليمي ادارا کُلڻ بعد اسڪول ۾ پناهه وٺندڙ برسات متاثر سخت پريشان ٿي ويا آھن، تعليمي ادارا کُلڻ بعد مڊل  اسڪول پير پريل شاهه ۾ پناهه وٺندڙ  برسات متاثر سخت پريشان ٿي ويا آھن

متاثرن موجب اسڪول انتظاميه اسڪول  خالي ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي، هن وقت  تائين راشن توڙي تنبو ناهن مليا، انتظاميه هن وقت تائين ڪا به  سار ناهي لڌي، نوٽيس ورتو وڃي

ٻئي پاسي شهدادڪوٽ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران رتوديرو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ برساتي پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران  رتوديرو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي

شھرين موجب انتظاميه علي آباد، باقر آباد سميت  مختلف علائقن مان برساتي پاڻي  نيڪال نٿي ڪرائي، برساتي پاڻي بيهڻ سبب  مختلف بيماريون ڪر کڻي رهيون آهن،  نوٽيس ورتو وڃي

ھي به پڙھندا

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

ڀان سيدآباد: باغ يوسف وٽ ڪٽ ڏيڻ بعد منڇر جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي