روڊ حادثا ۽ حڪومتي بي ڌياني

0
273
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

سنڌ اندر مسافر گاڏين سان افسوسناڪ ۽ خطرناڪ حادثا پيش اچڻ معمول بڻيل آھي، جنھن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن پر ان باوجود وفاقي توڙي صوبائي حڪومت طرفان روڊ حادثن کي روڪڻ ۽ حادثن جي ڪارڻن جو تعين ڪرڻ توڙي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪا به بھتر حڪمت عملي ناھي جوڙي سگھي. نتيجي ۾ غير ذميواري، غفلت ۽ لاپرواھي آئي ڏينھن قيمتي انساني جانيون ڳڙڪائي رھي آھي. اھڙو ئي ھڪ حادثو 19 مئي 2021ع رات جو دير سان ملتان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سان پيش آيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ 14 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون آھن، جڏھن ته ڪجھه مسافرن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سي ايم ايڇ اسپتال پنوعاقل، روھڙي تعلقا اسپتال، سکر سول اسپتال توڙي پنوعاقل اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪجھه جي حالت اڃان ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان کان اڳ خيرپور جي حسين آباد وٽ به اھڙو ئي خطرناڪ حادثو پيش آيو ھو، جنھن جي نتيجي ۾ 12 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ھيون. جڏھن به ڪو حادثو پيش ايندو آھي ته فوري طور تي نوٽيس ورتو ويندو آھي، جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويندو آھي، فوتين زخمين جي علاج توڙي معاوضي جا به واعدا ڪيا ويندا آھن،پر انھن تي عمل ڪيترو ٿيندو آھي؟ ڪجھه عرصو اڳ خيرپور ويجھو مسافر وين ۾ گئس سئلينڊر ڦاٽڻ سبب وڏو جاني نقصان ٿيو ھو جنھن کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گئس تي بندش لڳائي وئي ھئي وڏيون دعوائون اعلان ڪيا ويا ته فٽنيس کان بغير ڪنھن به مسافر گاڏي کي روٽ تي ھلڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڊرائيور به قائدن ۽ ضابطن تحت روزگار ڪندا، پر حادثو پيش اچڻ جي ڪجھه ڏينھن کان پوءِ سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل صوبائي وزير کان اھي واعدا وسري ويا ويندا آھن. ٽرانسپورٽرن کي انساني جانين جي پرواھه ناھي انھن کي پرواھه آھي ته صرف پنھنجي ڪاروبار جي آھي تنھن ڪري قائدن ۽ ضابطن جي باقائدگيءَ سان اڪثر لتاڙ وارو عمل جاري آھي. ٻي ڳالھه به آھي ته اڪثر مختلف روڊن تي ھلندڙ مسافر گاڏيون حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل بااثر ماڻھن جون آھن. ٽرانسپورٽ کاتي ۾ ھزارين جي تعداد ۾ ملازم ڀرتي ٿيل آھن جن جو ڪم آھي قانون، قائدن ۽ ضابطن تي عمل درآمد ڪرائڻ پر اُھو پگھارون، مراعتون وقت تي حاصل ڪرڻ سان گڏ مبينا طور رشوت مان وڏو مال ته ميڙين ٿا پر انھن جو جيڪو اصل ڪم ھجي ٿو اهو ڪرڻ ۾ مڪمل طور مجرماڻي غفلت ۽ غير ذميواريءَ جو مظاھرو ڪن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙ عام ماڻھو ڪيتري عذاب کي ڀوڳي رھيو آھي،ايتري حد تائين جو ڊرائيورن جي غير ذميواري سان ڊرائيورنگ سبب مسافرن جا ڊرائيورن سان جھيڙا منھن ماري پڻ ٿيندي رھي ٿي.ساڳي طرح ڪرايي واري معامري تي پڻ منھن ماري ۽ جھيڙا معمول بڻيل ھجن ٿا. پر حڪومت جو ڪو اھڙو نظام ئي ناھي جنھن جي سڌي ريت مسافر درخواست ڪري سگھي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿي سگھي تنھن ڪري مسافر به مجبور ٿي وقت گذارڻ ۾ پورا آھن.سنڌ حڪومت توڙي ٽول ٽيڪس جي مد ۾ وڏا ٽيڪس وصول ڪندڙ موٽروي توڙي لاڳاپيل ذميوارن کي گھرجي ته گاڏين جي فٽنيس، ڊرائيورن کان ڊرائيونگ لائسنز توڙي قائدن ۽ ضابطن تي عمل درآمد ڪرائڻ جي لاءِ ڪي جوڳا اُپاءٌ ورتا وڃن ڇو جو اڪثر ڊرائيورن متعلق چيو ويندو آھي ته اُھي نشي واريون شيون واپرائڻ کان پوءِ ئي ڊرائيونگ ڪري سگھندا آھن، ھڪ ماڻھو جي ھٿ ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ھجن ٿيون ۽ صرف اُن جي ٿورڙي غفلت سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ وڏو الميو آھي. حادثي بعد ڊرائيور جي غفلت ثابت ٿيڻ باوجود ان ٽرانسپورٽر خلاف ڪا به ڪارروائي ناھي ٿيندي جيڪو پنھنجي مفادن خاطر 24، 24 ڪلاڪ لڳاتار ڊرائيور کي گاڏيون ھلائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. انھن سمورن معامرن کي سنڌ جو وڏو وزير توڙي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھه سنجيدگيءَ سان ڏسن، ٽرانسپورٽرن کي قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرائي انساني جانين جي ٿيندڙ نقصان کان بچائي سگھجي ٿو.
جيڪڏھن حادثن کان پوءِ صحت وارين سھولتن جي ڳالھه ڪجي ته ماشاءَ اللھ سنڌ اندر زبردست سھولتون آھن، اسپتالن جي ته ڪروڙين روپين جي بجيٽ آھي، ڪاغذي ڪارروائي ۾ زبردست پرفارمنس ڏيکاري ويندي آھي پر جڏھن زميني حقيقتون ڏسجن ٿيون ته ڳالھه سمجھه کان ٻاھر ھجي ٿي. ڪجھه عرصي دوران ئي ٿيندڙ روڊ حادثن تي نظر وجھبي ته صحت کاتي جي ڪارڪردگي حادثي کان پوءِ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ واري اعلان کانسواءِ ڪجھه به نظر نه ايندي. ڪروڙين روپيا بجيٽ ھجڻ باوجود حادثي جو اطلاع ملڻ کان پوءِ لاڳاپيل اسپتالن جي ھڪ اڌ ايمبولينس کان سواءِ وڌيڪ گاڏيون زخمي مسافرن کي کڻڻ لاءِ ناھن وينديون،شابس آھي ايڌي رضاڪارن کي جيڪي حادثي جو اطلاع ملڻ شرط ئي ٻين ضلعن کان به ايمبولينسز حادثي واري ھنڌ پھچائين ٿا ۽ وقت سر پھچڻ سان ڪيتريون ئي انساني جانيون پڻ بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، تازو ئي خيرپور جي حسين آباد ۾ ٿيل حادثي ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھه طرفان وڏي بجيٽ سان تيار ڪرايل سول اسپتال خيرپور ۾ ايتري سھولت نه ھئي جو لاش اسٽريچر يا ڪنھن مناسب ھنڌ تي رکجن، لاش پٽ تي پيل رھيا، يا وري ايڌي ايمبولينس ۾ شامل اسٽريچرز تي پيل ھوندا آھن، اسپتال ۾ ايمرجنسي بنيادن تي ڊاڪٽرن کي گھرايو ته ويندو آھي پر اڪثر مسافرن جا وارث وقت تي مناسب علاج نه ٿيڻ جون دانھون ڪندي نظر ايندا آھن. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي مد ۾ وڏي بجيٽ موجود هوندي آھي پر جڏھن به اسپتالن جو دورو ڪجي ته مريض يا حادثن جو شڪار ٿيل مسافر گاڏين جي متاثرن جي وارثن جو چوڻ ھوندو آهي ته دوائون ٻاهران گهرائيندا آهيون. آخر ايڏيون وڏيون بجيٽون ڪٿي ۽ ڪھڙن مقصدن تي خرچ ٿي رھيون آھن. آخر حڪومت ڪڏھن سنجيدگيءَ سان قدم کڻندي. تنھن ڪري سنڌ حڪومت کي صحت، ٽرانسپورٽ سميت کاتن ۾ بھتري آڻڻ ۽ عوام جي مفادن لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي، ورھين کان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت رھي آھي پر عوام جي ڏکن، سورن ۾ ڪا گھٽتائي ناھي آئي، حادثن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ حادثن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي، تنھن ڪري خدارا حڪمران سنجيدگيءَ سان عوام جي جانين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ بھتر حڪمت عملي استعمال ڪندي منافعي خور، مفاد پرست ٽرانسپورٽرن توڙي پرائيويٽ اسپتالون ھلائيندڙ سرڪاري ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي رليف ڏيارين.