مٺ ۾ ساهه اچي ويو آ، ڊيمن جو اعلان ٻڌي!
ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي پاڻي سان سلهاڙيل آهي، ان جو احساس هاڻي وڌيڪ سختيءَ سان ٿي رهيو آهي، سنڌ جو حسن ۽ سنڌ جي خوشحالي درياهه بادشاهه جي دم سان ئي آهي، سنڌوءَ ۾ پاڻي هو ته سنڌ جون زمينون به آباد هيون، ماڻهن جي زمينن مان رڪارڊ فصل لهندا هئا، سندن گنديون 12 مهينا ڀريون پيون هونديون هيون، کير مکڻ، ڏڌ، لسيون سچا گيهه، مڇيون، پلا، مال متاع، پکي، ٻيلا، ماکيون سڀ پاڻي جي دم تي هئا، ان وقت سنڌ ۽ سنڌ جو ماڻهو خوشحال هو، گهر، اوطاقتون به ملنديون هيون، سنڌ جي مهمان نوازي سنڌ جي ماڻهن وٽ ڪجهه هوندو هو تڏهن ميزبانيون ڪندو هو، ايندڙ مهمانن کي دل سان ايترو ته کارائيندو هو جو مهمان کان مهمانوازي سڄي زندگي نه وسري سگهندي هئي، ڪهڙا سهڻا ڏينهن هئا سنڌ ۾ غربت جو ٻج ورڱاهي کان پوءِ پوکيون ويو، سنڌ کان سڀ ڪجهه ناجائز کسيو پيو وڃي، سنڌ جو ساهه، پساهه کسيو ويو آهي، سنڌ ڀوڳي پئي. 1960ع ۾ سنڌ جو پاڻي ڦرجڻ لڳو، ان تي سائنسي انداز سان پورو پورو قبضو ٿي چڪو آهي، سنڌو درياهه باندي بڻيل آهي، ڪيترن ئي ورهين کان درياهي پاڻي ۾ سمنڊ جو ميلاپ نه ٿيو آهي، انڊس ڊيلٽا سڪي وئي آهي، پاڻي نه هئڻ ڪري هي علائقو چچ غريب ٿي ويو آهي، سنڌ جي غربت ختم ڪئي وڃي، ان جي سونهن کي بحال ڪيو وڃي، اهو سڀ پاڻيءَ سان آهي، سنڌ جي غربت جو جنهن کي به اونو آهي تنهن کي گهرجي ته سنڌ کي پاڻي ڏيارائڻ جي عملي ڪوشش ڪري.
مٺ ۾ ساهه اچي ويو آهي،
ڊيمن جو اعلان ٻڌي،
پنهنجو کير کري ويو آهي،
مٺ ۾ ساهه اچي ويو آهي،
سچ ته هنياءُ ٻڏي ويو آهي،
سنڌو تنهنجي دانهن ٻڌي،
مٺ ۾ ساهه اچي ويو آهي،
ڊيمن جو اعلان ٻڌي.
ارشاد شيخ/ مينهل آباد، لاڙڪاڻو
بدذوق جي هٿن ۾ باغ رهيو، معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو؟‎
ويجهڙائيءَ ۾ پرڏيهي ادب جو مطالعو پي ڪيم ته ڪنهن ليکڪ جو سنڌ بابت لکيل مضمون نظرن مان گذريو، لکيل هو ته “سنڌ امن جي ڌرتي آھي، هتان جا ماڻھو ڏاڍا سکيا ستابا، امن پسند ۽ مهمان نواز آھن، اتي سنڌوءَ نالي هڪ درياهه به وهي ٿو، جنهن جي پاڻيءَ سان اتان جا ماڻھو پنهنجيون زمينون آباد ڪن ٿا. رهواسي ٻين جي غلامي ڪرڻ بدران پنهنجن ئي زمينن ۾ هر ڪاهين ٿا، پنهنجو کيڙي پنهنجو ئي کائين ٿا. ڏاڍي خوشحال زندگي گذارين ٿا.” وغيره. پر اڄ سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ڏسي ڀٽائي، سچل، سامي، مخدوم بلاول ۽ صوفي شاهه عنايت جو به روح زخمي ٿيو هوندو. جنهن ديس ۾ 9، 9 هيڪانديون زندگيون گولين جو کاڄ بڻجن ۽ لاش دفنائڻ کان اڳ پلاند لاءِ بندوقون صاف ٿين، جنهن ديس ۾ معصوم ٻارن وٽ قلم بجاءِ هٿن ۾ ھٿيار هجن، جنهن ديس ۾ انساني آبادي پاڻيءَ ڦڙي لاءِ سڪندي هجي، جتي سڌ ڌرتي اغوائن جي انڊسٽري بڻيل هجي ۽ جنهن ديس ۾ پنهنجو ئي پنهنجي رت جو پياسو هجي ۽ ٿورڙي انا ڪري خون جون نديون وهايون وڃن، جنهن ديس ۾ مهانگائي جو پيڙھيل عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان هجي ۽ ٻچن کي بکيو نه ڏسي سگهڻ ڪري آپگھاتَ ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي، جنهن ديس ۾ اصلي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري سندن ماڳن ۽ مڪانن کي ڊاهي ڌارين جي يلغار کي ڀليڪار ڪيو وڃي ۽ جنهن ديس ۾ اسان جا واڳ ڌڻي ڌرتيءَ ڌڻين جي سار لهڻ ۽ بارود جي ٻرندڙ باهه کي ٻنجو ڏيڻ بجاءِ پنهنجي تخت لاءِ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ پورا هجن، اتي اسان ڪيئن وڏي دعويٰ سان چئون ته اسين خوشحال ڌرتيءَ جا امن پسند ماڻھو آھيون. اسان جي ديس ۾ ڪو به بک وگهي آپگھات نٿو ڪري، ٿورڙي ڳالهه جي ڪري ڪا بندوق اڀي نٿي ٿئي ۽ هتي اغوا ۽ ڦرلٽ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
لاڙ جي سم نالين جي کاٽي ڪرائي پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي!
فطرت طرفان برسات رحمت بڻجي ڌرتي کي سرسبز بڻائيندي آهي، برسات انسانن ۽ حيوانن لاءِ فائديمند آهي، انتظامي لاپرواهي، بي پرواهي ۽ بيڌياني سبب اها زحمت بڻجي ويندي آهي، شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ برساتي موسم ۾ تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو، ڪٿي واهن ۽ سم نالن کي گهارا لڳن ٿا ته ڪٿي واپڊا جي نااهلي سبب انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون. گذريل سال جي تيز برساتن سبب سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي واهن ۽ سم نالن کي گهارا لڳا. سموري سنڌ جيان لاڙ جي سم نالين جي کاٽي نه ٿيڻ سبب سم نالين کي لڳل گهارن جي نتيجي ۾ گذريل سال لاڙ جي آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو، سوين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي ڪاهي پيو. انهن ڳوٺن ۾ موجود ڳوٺاڻن انيڪ تڪليفون برداشت ڪيون ۽ پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي ويا، گهارن سبب آبادگارن، هارين ۽ واپارين کي سخت نقصان کي ٿيو. لاڙ جا آبادگار هٿرادو پاڻي کوٽ کي ته منهن ڏيندا آهن پر هٿراڌو ٻوڏ کي به منهن ڏيندا آهن، ايريگيشن عملي جي نااهلي ۽ نالائقي سبب آبادگارن، هارين، واپارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن جا مٿي تي هٿ هوندا آهن. هر سال جيان هن سال به لاڙ جي سم نالين جي کاٽي ناهي ڪرائي وئي. مين ڊريم ٽنڊوباگو، ٽنڊوباگو ون آر سميت ڪيترين ئي سم نالين جي کاٽي نه ٿي سگهي آهي. هاڻي برساتي موسم آهي، اسان لاڳاپيل انتظاميا کان گهر ٿا ڪريون ته لاڙ جي بدين ضلعي جي سم نالن جي کاٽي ڪرائي پاڻي جي ورڇ برابري جي بنيادي تي ڪئي وڃي. پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ماپ کان وڌيڪ بااثرن جي واٽرن ڪورسن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. سم نالن جي کاٽي ڪرائي برساتن ۾ لڳندڙ گهارن سبب هزارين انسانن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائي لاڙ جي آبادگارن کي معاشي طور ٿيڻ تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
محمد حنيف خاصخيلي/ نندو، بدين
مهانگائيءَ جو مڇ پاڻي کان ٻاهر اچي ويو!
جوهيءِ مان ڪڪڙ جو گوشت خريد ڪيم ته پتو پيو ته گوشت عيد کان اڳ 420 رپيا ڪلو هو، اهو يڪدم 500 تائين پهچي ويو آهي، اها حالت ٽماٽي، بصر، دال، مڇي وغيره جي به آهي، وڏو ۽ ننڍو گوشت کائڻ ته جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي، ڪو رئيس، وڏيرو يا سردار، واپاري، رشوتخور آفيسر يا ملازم ئي خريد ڪري سگهي، خبر ناهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ هلائي ڪير ٿو؟ واپاري، سياستدان، بيوروڪريٽ يا ڪا ٽين مخلوق آهي پر اهو واضح نظر اچي ٿو ته ڪنٽرول ڄاڻي واڻي ڍرو ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام، خاص ڪري غريب طبقي کي چچلائي مارجي! کين ووٽ پسند جي اميدوار کي ڏيڻ ۽ مخالف کي نه ڏيڻ جي سزا ڏجي، جوهي جو مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي هر شيءِ جو فري ۾ ملي ٿو ته هو ڇو ريٽ چيڪ ڪري ۽ غلط يا مٿي قيمت وصول ڪندڙ جو دڪان سيل ڪري کين بليڪ لسٽ ڪن! يا مقرره ڪيل اگھه تي شيون وڪرو ڪرڻ جو پابند ڪن يا مٿن ڏنڊ لڳائن، حڪومت جي رٽ واپاري لڏي پاران پيرن هيٺان لتاڙي پئي وڃي، کين ڪو چوڻ يا پڇڻ وارو ناهي، وري به لاڳاپيل اختيارين کي گذارش ٿي ڪجي ته خدارا اکيون کوليو ۽ پنهنجا فرض ايمانداري سان انجام ڏئي هٿرادو مهانگائي مان ماڻهن کي آجو ڪرايو، انهن جون پٽون اوهان جو سک کسي وٺنديون، مهرباني ڪري چمچاگيريون ڇڏي پنهنجا فرض انجام ڏيو، هر معاملي ۾ عدليا کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تي مجبور نه ڪيو، عدليا کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. مهانگائيءَ جي پاڻي مان ٻاهر نڪتل مڇ کي ڪير واپس پاڻي ۾ موڪليندو؟
زين کوسو/ ڳوٺ چينجاڻي، دادو
ڪاڇي جو قدرتي ميوو پيرون!‎
قدرتي ڪاڇي جو پيرون ميوو تمام گهڻو مشهور آهي، پيرون خاص ڪري اونهاري جي موسم ۾ ٿيندو آهي، قدرت ھن خطي جي جاگرافيائي ۽ موسمي صورتحال کي به سڄي ملڪ کان تمام گھڻو مختلف رکيو آھي، ان جو اندازو ڪرڻ به رڳو ھن ئي خطي ۾ صدين کان رھندڙ لوڪ ئي سمجھن ٿا. سيارو صرف 3 مھينن جو مھمان سرءُ ۽ بھارون ته ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حد جيتريون به زندھ نٿيون رھن، سخت اونھارو، جنھن کي ھتان جا ماڻھو آرھڙ به سڏين، جيڪو تقريبن 8 مھينا مھمان بڻجندو آهي، جنھن ۾گرميون، ڏکڻ جون ھوائون، گھٽ ٻوسٽ، سانوڻي ۾ وري ساھ جي مونجھارو، ڪاڙھا، مڇرن جي ڀرمار وغيرہ رهندي آهي. واهي پانڌي ڪاڇي جو اهو علائقو آهي جيڪو تمام گهڻو پوئتي پيل آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي ھن علائقي ۾ خشڪ ھوائن گھلڻ ڪري ھر ھنڌ وڏي پئماني تي انسانن توڙي حيوانن سان گڏو گڏ پکي پکڻ لاءِ جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻو پوندو آھي، پر کيرٿر جون بلند چوٽيون وري گرم ڏھاڙن ۾ صفا برف بڻجي ٺارينديون آهن ۽ دل چاھيندي ته جيڪر جبلن جي بلند چوٽين تائين سرڪار پنھنجا سرڪاري فنڊ استعمال ڪري ته ان سان نه رڳو مقامي ماڻھن جي روزگاري کي ھٿي ملندي ۽ اونھاري ۾ ڪاڇي ۽ کيرٿر جون ٿڌيون چوٽيون ڪاڇي کي سياحتي حيثيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿينديون ۽ ڪاڇي جي گرم مھينن جي ھن ميوائت جا به اسٽال لڳي سگھندا، جنھن جي مدد سان ڪاڇي جي گرم موسم جي ميوات پڻ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سٺو ناڻو ڪمائي سگھندي، ڪاڇي جو ميوو ڪاڇي واسي مختلف شهرن سوکڙي طور پڻ موڪليندا آهن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
سنڌ سان وري به آدشماري ۾ ناانصافي آخر ڇو؟
ملڪ ۾ آدشماري جلد ڪئي وڃي ته بھتر آھي، ڇو ته آبادي تيزيءَ سان وڌي پئي، آدشماري سان توھان کي ھڪ ته انگ اکر ملندا ۽ آبادي جي بنياد تي رٿابندي ۽ منصوبابندي ڪئي ويندي، ترقياتي ڪم، صحت، تعليم، زراعت ۽ ٻين شعبن جي بھتري لاءِ رٿابندي ڪئي ويندي آھي، ٻيو ته توھان جي تڪ ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جون سيٽون به وڌنڌيون، ان ڪري آدشماري ڪرائڻ ضروري آھي، پر وري سنڌ جي آدشماريءَ جا انگ اکر ڪي تسلي بخش يا قابل قبول ناھن. 2017ع ۾ ڪيل آدمشماري جي مجموعي طور آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84632 ڏيکاري وئي آھي، سنڌ جي آدشماري صرف 4 ڪروڙ 54510 ڏيکاري وئي آھي، جڏھن ته پنجاب جي سڀ کان وڌيڪ آبادي 10 ڪروڙ ڏيکاري وئي آھي، ان کان سواءِ ڪي پي جي 3 ڪروڙ ڏيکاري وئي آھي، جڏھن ته بلوچستان جي به آدشماري ھڪ ڪروڙ ڏيکاري وئي آھي، ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ جيتري آبادي آھي اوتري ڏيکاري ناهي وئي، سنڌ سان ته ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ شروع کان رھيو آھي، دٻاءَ بعد آدشماري جا انگ اکر جار ڪيا ويا، ان جو سبب ته بجيٽ جي ورھاست آبادي جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي، انڪري سنڌ جو عوام وفاق جي غلط روين ۽ دشمن پاليسن خلاف رھيو آھي ۽ آواز بلند ڪندو رهيو آھي. سنڌ حڪومت کي گڏجي ردعمل ڏيکارڻ گھرجي ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ گھرجي ڇو ته سنڌ ۾ اقتدار ۾ وري به پيپلز پارٽي رھي آھي ۽ حڪومت ۾ به آھي .
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
ٺري ميرواهه ۾ وٽرنري عملي جي لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺو!
سنڌ سرڪار پاران چوپائي مال ۾ ڦھلجندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ هر سال ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکي ويندي آھي ته جيئن ڀاڳين جي چوپائي مال کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائي سگهجي پر لائيو اسٽاڪ کاتي جي نااهليءَ سبب ٺري ميرواھ تعلقي جي اڪثر ڳوٺن ۾ ٻڪرين ۾ تيزيءَ سان وبائي بيماري ڦھلجي رهي آھي، ڏسندي ئي ڏسندي ٻڪريون ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن ٿيون پر وٽرنري کاتي ٺري ميرواھ عملي کي ڪو رحم نٿو اچي، ڳوٺاڻن پاران ڪئين ڀيرا وٽرنري کاتي جي عملي کي اطلاعن باوجود وٽرنري ڊاڪٽر ڳوٺن ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جو ڪارڻ هنن پاران ٺري ميرواھ وٽرنري اسپتال ۾ دوائون نه هجڻ جو جواز ٻڌايو پيو وڃي، جڏھن ته وٽرنري کاتي ٺري ميرواھ جا ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي جا کلي عام ٺري ميرواھ شھر ۾ جانورن جي دوائن جا خانگي ميڊيڪل اسٽور قائم ٿيل آھن، جتي سرڪاري ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو انهن جي اسٽورن تي ايندڙ ڳوٺاڻن کي پئسن عيوض ڳري قيمت ۾ دوائون به وڪرو ڪري ٿو، هن وقت ٺري ميرواھ ۾ ٻڪرين ۾ وبائي بيماريءَ سبب ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيندا پيا وڃن، مالوند ڳوٺاڻن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آھي. اسان ٺري ميرواھ واسي وٽرنري کاتي جي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٺري ميرواھ ۾ ٻڪرين ۾ وچڙندڙ بيماريءَ تي قابو آڻڻ لاءِ متاثر ڳوٺن ۾ ٻڪرين کي بروقت ويڪسين ڪري عملي کي ڳوٺن ۾ وزٽ ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي.
فرحان شڪيل/ ٺري ميرواهه
بهتر روڊن جي ضرورت آھي!
ڪراچيءَ جي آبادي گذريل سالن کان وڌي رهي آهي، سالن تائين پل ۽ پارڪ گورنمنٽ ايراضي ۾ تعمير ڪيا ويا آهن پر ڪافي انگ ۾ روڊ تعمير ناهن ڪيا ويا، ان ڪري مان چاهيان ٿو ڪي ايم سي جو ڌيان روڊن جي خراب حالت ڏانهن ڇڪرايان. ان مسئلي کي اسان سالن کان منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ لاڳاپيل اختياريون ان طرف ڌيان نه ڏئي رهيون آهن. وقت جي ضرورت آهي ته هاڻي بهتر روڊ ٺهرايا وڃن ته جيئن معمول بڻيل حادثا نه ٿين، جيڪي روڊن جي خراب حالت جو نتيجو آهن ۽ اسان جي شهر کي بدصورت بڻائين ٿا. جيئن ته ڪراچي ملڪ جو سڀ کان وڏو صنعتي حب آهي ۽ ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگھي جي هڏيءَ وارو درجو رکي ٿو، بهتر روڊ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ نوان رستا پيدا ڪندا آهن ان ڪري آئون ڪي ايم سي جي اختيارين کي درخواست ٿو ڪريان ته هو هن مسئلي کي اوليت ڏين ۽ جلد اسان جون پريشانيون ختم ڪن ته هي سندن اسان تي احسان هوندو.
محمد سعد/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
بجيٽ ۽ سرڪاري ملازم!
سنڌ دنيا جي تختي تي اھو خطو آهي جيڪو امن، سلامتي ۽ ڀائيچاري جي ڪري مشهور آهي، موھن جي دڙي مان ترقيءَ جي عڪاسي ڪندڙ هر شيءَ ملي آهي، سواءِ ھٿيارن جي، ڪنهن به حڪومت جي لاءِ سرڪاري ملازم ڪرنگھي جي ھڏي ھوندا آهن، سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته ھن بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن تي ڪجهه ڪرم نوازي ٿيڻ کپي، سرڪاري ملازم توهان جي ھر حڪم تي لبيڪ چئي حاضر ٿي ويندا آهن، ڪھڙي به موسم ھجي، ڪھڙي به حالت ھجي، اليڪشن ھجي، زلزلا ھجن، ٻوڏون ھجن، وبائي بيماريون پکڙيل ھجن، ڇا به ٿي پوي پر سرڪاري ملازم پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به پنهنجون ڊيوٽيون خوش اصلوبيءَ ۽ دل سان سرانجام ڏيندا آهن، انهن کي سنڀالڻ سرڪار جو اولين فرض هجي ٿو، خدارا ھن بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پارت اٿو، اھي توھان ڏانهن واجھائي رھيا آهن.
امر کتري/ٽنڊوباگو 
سجاول ۾ منشيات جي ڏانئڻ بي قابو ٿي وئي!
سجاول ۾ منشيات جي ڏائڻ بي قابو ٿي وئي آهي، هزارين انساني جانيون ڳڙڪائيندي ڪيترائي گھر اجاڙي ڇڏيا اٿس، منشيات فروش بي پرواھ ۽ قانون کان طاقتور ٿي انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن، سجاول سميت پوري ضلعي ۾ منشيات جو وڪرو عروج تي پهتل آهي، ڪچو شراب، چرس، آفيم ۽ هيروئن ته شھر ٻاهران لڪ ڇپ ۾ وڪامجي ٿو ۽ ٻيو مائو، گٽڪو ۽ سفينا وغيره سرعام شھر جي مختلف جاين ۽ اسٽاپن تي وڪامجن ٿيون. حيرت جي ڳالهه ته گٽڪي ۽ مائي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جنهن ۾ سوپاري جو داڻون، لوڪل تماڪ ۽ ٻيو سامان وغيره شھر جي سفيد پوش ۽ معزز واپارين جي دڪانن تي وڪامجي ٿو، جتان گٽڪي ۽ مائي جي فيڪٽرين جا مالڪ اهو سامان خريد ڪري گٽڪو ۽ مائو ٺاهي شھر ۾ وڪرو ڪندا آهن، ڪورٽ سڳوريون مختلف وقتن تي منشيات جي وڪري خلاف سخت قلم لاڳو ته ڪيو پر ان تي عمل ڪرائيندڙ پوليس منشيات فروشن اڳيان بيوس آهي. بس 4، 5 سئو رپيا ڪمائيندڙ غريب مانڊڻين وارن تي ڇاپو انهن کان پئسا وٺي ايف آئي آر به داخل نه ڪئي، هر روز وات جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، منشيات سجاول ضلعي تي هڪ عذاب بڻجي ڪڙڪي آهي پر خبر ناهي ڪهڙي زماني ۾ هن عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن ننڍن ۽ وڏن، نامي گرامي ۽ سفيد پوش منشيات فروشن خلاف قانون هڪ جيترو حرڪت ۾ ايندو جو سجاول ضلعي سميت سموري سنڌ جي عوام جي هن عذاب بڻيل منشيات جي لعنت مان جان آجي ٿيندي؟
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
سنڌ جي ھارين کي رعايتون ڏيو!‎
سنڌ جي ھاري جون سڀ خواھشون، تمنائون ۽ اميدون ان ڏينھن ڀورا ڀوار ٿي پيونديون آھن جڏھن ھو فصل تيار ٿيڻ کان وٺي کري ۾ سارين جي ڏيڍ مڻ جون ڀريل ٻوريون ڪلھي تي رکي گاڏي ۾ چاڙھڻ کان پوءِ ان جي مالڪي زميندارن ۽ واپارين پاران ڪئي ويندي آھي، جنھن ھاري جي سڄي زندگي ٻنيءَ ۽ چوپائي مال سان جڙيل ھوندي آھي، ھاري جي دل ۾ ورھين کان سانڍيل خواب ته فصل کڻي نياڻي يا پٽ جو بار لاهبو پر افسوس جو سنڌ جا ھاري تصورائتي دنيا ۾ خواب ڏسندا رهن ٿا، جديد دور ۾ مھانگائي جي پيڙھيل غريب ھاريءَ جي ڪلھن تي حڪومت پاران پيدا ڪيل مھانگائي وارو بار پنھنجي ڪلھن تي کڻي وري به ڏاندن کي ڀاڪر پائي ھر ھلائي ٿو. سنڌ جو ھاري جنھن جي محنت باقي قومن کان مختلف رھي آھي، سنڌ جو ھاري جيڪو فصل جي پوکائيءَ کان ويندي فصل جي تيار ٿيڻ تائين فصل کي مرضن کان ڪيئن بچائجي ۽ ان جي واڌ ويجھ لاءِ زراعت جي ڊاڪٽرن کان وڌيڪ تجربو رکي ٿو، سخت گرميءَ ۾ ڌرتيءَ جي گرم ٿيل مٽيءَ ۽ تتل پاڻي ۽ لنڊيون لتاڙيندر هاريءَ جي مٿان حڪم ھلائيندڙ اڇا ڪپڙا پائي ڪلھي تي ٽوال رکي لامارا ڏيندڙ زميندار، سيٺ کي ڪھڙي خبر ته ھاري جي ٻچن جي پيٽ ۾ قيامت برپا آھي. ان ڪري سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سنڌ جي ھارين لاءِ ڪا خاص پاليسي جوڙي سندن خواھشون نه کڻي پر سندس ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ته جيئن سڄي ملڪ کي کاريندڙ مسڪين هاري ۽ سندس معصوم ٻچڙا به ڪو سُک جو ڳڀو کائي سگھن.
رياض امر ٻجورو/سجاول
زراعت جي تباھيءَ جا ذميوار!‎
ناري تعلقي جي زراعت جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ نارو تعلقي قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، جنهن ۾ 80 کوهه گئس جا آھن، 2 وڏا پلانٽ آهن، گئس فيلڊ جا 1 قادن وارو پلانٽ، 2 سانوڻ پلانٽ، اهي پلانٽ پاڪستان ۾ 2 نمبر تي آھن، هي گئس پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ٿي، جنهن مان ناري جي عوام کي ڪا به سهولت موجود ناهي، اڄ کان 13 سال پهريان ڪمپني هڪڙي ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ هڪ سي آر سي فنڊ رکيو ويو ته آبادگارن کي بنا وياج تي آبادڱارن کي ڀاڻ، ٻج، زهر، مشينري وغيره ملي، ان فنڊ جو چيئرمين ناري تعلقي جي هڪ اهم شخصيت کي رکيو ويو، جنهن ناري جي ننڍن وڏن هلڪن وڏيرن جي لسٽ تيار ڪرائي ۽ مال ورهائي آبادڱارن جو سرعام قتل ڪيو ويو، ان بعد ناري جي زراعت جو دارومدار بجليءَ تي آھي، جنهن جو حال اهو آھي ته 24 ڪلاڪن مان صرف 3 ڪلاڪ ٿي هلي، ان تي دانهون ڪيوسين ته اهو تاثر ڏنو ويو ته ناري جا ماڻهو ۽ آبادگار بجلي چور آھن، مان دعويٰ سان ٿو چوان ته پوري سکر ريجن جي لائيٽ جي بلن جي ڪلڪيوليشن ڪئي وڃي ته سڀ کان وڌيڪ ناري جا بل رڪور ٿيندا هوندا، هڪ لفٽ مشين جو 1 مهيني جو بل تقريبن 300000 کان مٿي هوندو آھي، جيڪو آبادگار ڍور ڍڳا کپائي بل ادا ٿو ڪري وري ڀاڻن، ٻجن ۽ زهر نقلي آھن، پيداوار ناهي، وياج جي مٿيون وياج آخر آبادفار ڪنگال ٿي ويا آهن، اسان گذارش ٿا ڪريون ڊاريڪٽر ايگريڪلچر رسول بخش جوڻيجو کي ته ناري جي واپارين آبادگارن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو آهي، سو مهرباني ڪري جنسن، ٻجن ۽ زهرن جا سيمپل ورتا وڃن ۽ ٻه نمبر ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي بچائي ناري جي زراعت بچائي وڃي.
پرويز علي رڏ/نارو تعلقو