ناول “واپسي” جو تنقيدي اڀياس

0
382
سنڌ جي تاريخ جي اهم موڙ واري دور بابت هڪ ناول

انور ڪليم جو لکيل ناول “واپسي” جو موضوع پريمي جوڙي واري شادي ۽ ان جي ڊراپ سين کي فوڪس ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سنڌي ۾ ان موضوع تي مضمون ۽ ڪهاڻيون لکبيون رهيون آهن ۽ پريمي جوڙا ناولن جا موضوع به رهيا آهن. اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جون عام خبرون، ڪورٽن ۾ پريمي جوڙن جون پيشيون ۽ ڪن پريمي جوڙن جون شاديون هاءِ پروفائيل ڪيسن تي پهتل رهيون آهن، ان ڪري ناول ۾ اهو موضوع پڙهندي نئون نه ٿو لڳي ۽ ان جي ڪهاڻي توڙي ڪردارن جو مزاج ۽ ماحول به ساڳيو محسوس ٿئي ٿو. ناول جو پلاٽ به موضوع سان ئي سلهاڙيل آهي ۽ ان ۾ ڪي سب پلاٽ يا گهڻا واقعاتي مونجهارا به ناهن. ڪهاڻي انتهائي سادگي سان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪنهن وڏي المئي بجاءِ سادگي سان هڪڙي اميد ڀرئي ڏک تي پڄاڻي تي پهچي ٿي. ناول ۾ ڪي گهڻا ڪردار به ناهن. سراج انجنيئرنگ ڪري گهر ۾ بيروزگار ئي آهي ته سندس تعلق پنهنجي دوست فاروق معرفت ثمرين سان ٿئي ٿو. اڳتي هلي خبر پئي ٿي ته ثمرين فاروق جي سوٽ آهي جنهن فاروق جي زال جي چوڻ تي فاروق جو امتحان ٿي ورتو ۽ فاروق اڻڄاڻ هو ان ڪري هن اهو نمبر سراج کي ڏنو. سراج هڪ ميچوئر شخص آهي. پر پوءِ به هو ان نمبر تي ٽراءِ هڻي ٿو ۽ نيٺ ثمرين سان هن جو پهريائين ايس ايم ايس ۽ پوءِ فون وسيلي تعلق جڙي ٿو جيڪو ملاقاتن تائين پهچي ٿو. ان دوران سراج لاءِ ٻه انڪشاف ٿين ٿا هڪ ته هوءَ فاروق جي سوٽ آهي ۽ ٻيو ته هوءَ اڳ ڪٿي مڱيل به آهي. سراج سان محبت ٿيڻ سبب هوءَ ساڻس ڀڃي شادي ڪرڻ جو زور ڀري ٿي. ثمرين سان شادي ڪرڻ بعد سراج پنهنجي دوست رشيد معرفت نصير پور روانو ٿئي ٿو. ثمرين جا مائٽ ان رشتي کي نه ٿا مڃن ان ڪري ٻئي نئين شهر اچن ٿا جتي پڻ اهي رشيد معرفت اختر حسين سان ملن ٿا جيڪو سندن رهائش جو بندوبست ڪري ٿو. اختر جڳاڙي ڪم ڪندڙ آهي. سراج سبزي واري جلال وٽ مزدوري شروع ڪري ٿو جتي سندس ملاقات صوفي سان ٿئي ٿي جنهن جون ڳالهيون کيس متاثر ڪن ٿيون ۽ وٽس اچ وڃ شروع ڪري ٿو، اهو کيس هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ نوڪري وٺي ڏئي ٿو. صوفي جو آستانو به آهي جتي هو ويندو رهي ٿو. اسڪول ۾ هن جي ملاقات فوزيه ٽيچر سان ٿئي ٿي ۽ ان جي درد ڪهاڻي به کيس متاثر ڪري ٿي. هن ناول ۾ فوزيه جي ئي ڪهاڻي هڪ نئون ايونٽ آهي جنهن جي ماءُ اغوا ٿيڻ بعد وڪرو ٿي هتي پهتي هئي. ثمرين به خانگي اسڪول ۾ نوڪري ڪري ٿي. ثمرين کي اهو خوف سوايو آهي ته ڪٿي ماڻهن کي خبر نه پئي ته انهن لڪي شادي ڪئي آهي. پوئتي سندس اغوا جو ڪيس به داخل ٿي چڪو آهي. ثمرين ۽ سراج ۾ نيٺ اڻ بڻت شروع ٿئي ٿي پر ان جي شدت ظاهر ناهي. ثمرين کيس واپس هلڻ جو چئي ٿي پر هو انڪار ڪري ٿو ۽ ثمرين واپس هلي وڃي ٿي ۽ اتي بيان ٿي ڏئي ته هن مرضي سان سراج سان شادي ڪئي. ان حصي دوران صوفي وسيلي کيس خبر پئي ٿي ته هڪ مزدور بکن سبب خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ هو گهرن مان بچيل کاڌو ضايع ٿيندي ڏسي ٿو ۽ پوءِ صوفي سان گهرن مان بچيل کاڌو حاصل ڪري بکايلن کي کارائڻ جو ڪم ڪن ٿا. ان مان سراج جي ڪردار جي هڪ ٺڙڪباز مان ٽرانسفارميشن ٿئي ٿي ۽ هو انسانيت جي ڀلي واري ڪم ۾ لڳي وڃي ٿو.
اها ناول جي ڪهاڻي ۽ پلاٽ آهي. جنهن ۾ اٺ متحرڪ ڪردار آهن جن جو مٿي ذڪر ٿيو ۽ ڪجهه ضمني طور ايندڙ ڪردار آهن. ناول ۾ ڪردارنگاري رڳو ٽن يا چئن ڪردارن جي آهي باقين جي ايئن اچ وڃ يا ذڪر۽ حوالي وارا آهن. ان جي سيٽنگ ۾ رڳو هڪ شهر جو نالو آهي باقي مبهم آهن. ناول جي اڻت هيئن آهي جو شروع ۾ سراج ۽ ثمرين شادي ڪري گهران نڪتل آهن ۽ اهي نصير پور ويگن ۾ وڃي رهيا آهن ۽ پوءِ ڪهاڻي فليش بيڪ ۾ شروع ٿئي ٿي جنهن ۾ ثمرين سان محبت ٿيڻ ۽ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ تائين جا سڀ واقعا ظاهر ٿين ٿا. صفحي نمبر 71 تي فليش بيڪ ختم ٿئي ٿو وري ڪهاڻي هيرو هيروئن جي نصير پور ۾ پهچڻ کان شروع ٿئي ٿي. ناول ۾ ڪردارن جي عام نفسيات کي آندو ويو آهي. مک ڪردار سراج ڪنهن پريشانين مان نڪرڻ لاءِ آڱر سان گول دائرو ٺاهي وري ان ۾ آڱر وجهي ان کي ختم ڪري ٿو جيڪو اصل ۾ پاڻي جي بلبلي کي ختم ڪري ٿو ان کي Habitual psyche چئبو آهي. اها ساڻس سموري ناول ۾ آهي. گهران نڪرڻ کي سراج ٻيڙيون ساڙڻ سان ڀيٽي تاريخ جي ادراڪ هجڻ جي ثابتي ڏئي ٿو. گڏوگڏ Self-assessment به موجود آهي. ناولنگار کي ڳالهه واقعن سان جوڙڻ جو فن به سٺو ٿو اچي جيئن: “اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي تعليم کيس انجنيئر بڻايو هو، ملڪ جي سسٽم کيس بي روزگار رکيو.” صفحو 21 ۽ اڳتي صفحي نمبر 22 تي به هڪ دوست جي ڳالهه کي به ناول جي مک واقعي سان گهري طرح ملايو ويو آهي. سراج، ثمرين، صوفي ۽ اختر حسين جي الڳ الڳ موقعن تي ڪيل گهڻي تڻي گفتگو ۾ پختگي آهي، ۽ ڪردارن سان ٺهڪندڙ به. جيئن صفحي 38 تي:
” هيترن ڏينهن کان نه تو ڪال ڪئي، نه ڪو ميسيج موڪليئي ۽ هاڻي به تون ڳالهائڻ جي موڊ ۾ نه پيو لڳين؟“
”ڪجهه مصروف هيس.“
”مصروفيتن جي ڪري ته بي ڌياني ٿيندي آهي پر لهجو ته ڪونه مٽندو آهي.“ايئن اڪثر ڪردان جي گفتگو گهڻي اجائي ناهي. پر ڪٿي ڪٿي سراج جي گفتگو ڪجهه سوائي فلسفياڻي ٿي وڃي ٿي جيئن صفحي نمبر 44 تي وقت ۽ نانگ جا مثال ڏئي ٿو جنهن جو ناول سان ڪو تعلق نه ٿو جڙي يا وضاحتي ٿي وڃي ٿي جيئن صفحي نمبر 43 تي هو پنهنجي نفسياتي عادت جي وضاحت ڏئي ٿو. باقي ناول جي بيان ۾ ميچوئرٽي آهي جيئن صفحي 46 جو هي ٽڪڙو: “بظاهر ثمرين جو لهجو نارمل ۽ سوال به معمولي پر سراج جي ذهن کي جهٽڪا لڳڻ لڳا هيا. هن ان سوال کي بي انداز سوچيوهن کي اهي ماڻهو ياد اچڻ لڳا جيڪي ڪٿي ڪائي جڳهه، پلاٽ يا ملڪيت وٺڻ کان اڳ تسلي ڪرڻ لڳندا آهن ته هي جڳهه يا ملڪيت ٻئي ڪنهن جي نالي تي ته ناهي؟ هن تي سڀاڻي ٻيو ڪو دعوى ته نه ڪندو؟شايد ثمرين به ڪا تسلي چاهي ٿي.“
هتي عورت جي خوف واري نفسيات ڏانهن اشارو ڪري ٿو ڇو ته هوءَ ساڻس نڪرڻ کان اڳ تحفظ واري نفسياتي مونجهاري ۾ به آهي. اڳتي رشتن جي روين کي به انهن جي نفسياتي پهلوئن سان اپٽاري ٿو خاص ڪري صفحي 52 تي. جڏهن ته عورت جو انتهائي ردعمل واري نفسيات جو پاسو ان وقت سامهون اچي ٿو ثمرين انتهائي قدمن کڻڻ جون ڳالهيون ڪري ٿي ۽ سراج وسوسي ۾ اچي وڃي ٿو. مرداڻي پاسي کان روايتي سماجي نفسيات به ظاهر ٿئي ٿي. ڪجهه هنڌن تي ڳالهين ۽ موضوعن جو ورجاءُ به آهي. نصير پور جي سماجي ۽ معاشي حالت به سٺي نموني بيان ڪيل آهي ته وري جيئن اسان وٽ سنڌي ناول ۾ ڪيترا ليکڪ اوچتو ٿڙي صورتحال کي مضمون جي شڪل ڏيندا آهن تيئن هن ناول ۾ گهڻو نه صحيح پر خانگي اسڪول ڪلچر ۽ تعليم جي مسئلن تي مضموني موضوع داخل ڪيل آهي ۽ ايئن تصوف جا ڪجهه نڪتا به.
ناول جي اڻت کي جيڪا شئي ڪمزور بڻائي ٿي اها واقعن جي کوٽ آهي. سموري ناول ۾ هيرو هيروئن گهران نڪتا آهن پر سندن گهر وارن وٽ ڇا صورتحال آهي اتي ڪهڙي ڪشمڪش آهي. اهي واقعا گم آهن سواءِ ان معلومات جي ته اتي ناراضگي آهي ۽ اغوا جو ڪيس ٿيو آهي. اهو پاسو نظر انداز ڪرڻ سبب سٺو بيانيا انداز اختيار ڪرڻ باوجود ناول ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ ليکڪ جيڪا مک ڪردار جي سٺي ٽرانسفارميشن ڏيکاري آهي ان جو تاثر بيهي نه ٿو ۽ مٿان وري صفحي 121 تي “هجڻ/وجود” بابت سراج کي مونجهاري ۾ لاٿو ويو آهي. ناول جو سمورو تاڃي پيٽو هڪ بي جان ڪردار “موبائيل سم” سان وڌيل آهي. جنهن بابت به ناول ۾ ننڍي غلطي ٿيل آهي. صفحي نمبر 53 تي ثمرين جي ردعمل تي سراج جو به ردعمل آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته: “هن هڪ هڪ ڪري سڀيئي موبائيل سمون ڀڃي ڇڏيون.” وري ناول جي بلڪل آخري لائينن ۾ صفحي نمبر 124 تي آهي: “اها سم… جنهن سان ان جو رابطو پهريون ڀيرو ثمرين سان ٿيو هو…! هڪ ٻه ڀيرا سراج اها سم ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪئي پر هو ايئن ڪري نه سگهيو.“
ناول جو اهو انت وري ملڻ واري اميد جي اشاري سان آهي. پر سم اڳ ڀڳل ڄاڻائي وئي ته ننڍي غلطي کان بچڻ لاءِ “ان نمبر واري ٻيهر ورتل سم” ڏجي ها ته بهتر هو ڇو ته سڄي ناول جو بنياد اها موبائيل سم ئي هئي. سنڌ ۾ “پريمي جوڙن” يا “پيار جي پرڻن” واري موضوع تي جيڪي انساني المياتي پاسا آهن اهي ناول ۾ ناهن ۽ نه ئي ٻن ڪردارن جي پريشانين کانسواءِ انهن سان لاڳاپيل ڪردارن سان ٿيندڙ ڪي نفسياتي، احساساتي ۽ جذباتي پاسا ڏنا ويا آهن جيڪي اوس سنڌي سماج ۾ ضرورو ٿين پيا. سمورو ناول حقيقت نگاري واري لاڙي آڌار لکيل آهي، ڪٿي به ٻي ادبي ڌارا ناهي سواءِ ان جي ته صوفي جي خيالن سبب سراج جي ٽرانسفارميشن ٿئي ٿي ۽ هو سماج سڌارڪ واري خيال طرف هليو وڃي ٿو. ناول جو ٽرننگ پوائنٽ ثمرين جو اڳ مڱيل هجڻ سنڌي ادب ۾ عام موضوع آهي خاص ڪري ڪيمپس ناولس ۾ ته تمام گهڻو آهي. ليکڪ کان جيترو پڳو آ نڀائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيو آهي پر گهڻا لاڳاپيل واقعا گم ۽ اڻ لاڳاپيل ناول ۾ داخل ٿي ويا آهن. مقامي ۽ روايتي پاسدارين بابت هي ناول گڻائتو آهي.