روٽيشن پاليسي: سنڌ جو وڏو وزير جزوي طور آفيسرن جي بدلي تي راضي

0
323
وڏو وزير جزوي طور آفيسرن جي بدلي تي راضي
روٽيشن پاليسي: سنڌ جو وڏو وزير جزوي طور آفيسرن جي بدلي تي راضي

ڪراچي (م.ڊ) وفاق جي روٽيشن پاليسي تحت آفيسرن جي بدلي جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جزوي طور آفيسرن کي رليف ڏيڻ تي اتفاق ڪيو

ذريعن موجب عهدو ڇڏڻ جا خواهشمند آفيسر سڀاڻي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪندا، ملاقات کانپوءِ پوليس آفيسر ۽ انتظامي گروپ جا آفيسر عهدا ڇڏي ويندا

ذريعن جو چوڻ آهي ته روٽيشن پاليسي تحت جيڪي آفيسر سنڌ ڇڏڻ چاهين ٿا انهن کي نه روڪيو ويندو پر سنڌ حڪومت نه ڇڏڻ چاهيندڙ آفيسرن کي رليو نه ڪيو ويندو

  ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڪثر پوليس آفيسر روٽيشن پاليسي تحت چارج ڇڏڻ چاهين ٿا پر ڪجهه آفيسر سنڌ ڇڏڻ نٿا چاهين. ياد رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٻه ڏينهن اڳ بدلي ڪيل آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي هئي.