اڇي شينهن جي موت بابت ڪميٽي قائم، ڊائريڪٽر معطل

0
330
شينهن جي موت بابت ڪميٽي قائم
اڇي شينهن جي موت بابت ڪميٽي قائم، ڊائريڪٽر معطل

ڪراچي: ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جي مري ويل شينهن واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم، مرتضي وهاب واقعي جو چڙيا گهر انچارج کي ذميوار قرار ڏيندي، کيس معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ موجود اڇي شينهن جي مري وڃڻ کانپوءِ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضي وهاب چڙيا گهر جي ڊائريڪٽر خالد هاشمي کي معطل ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي لکيو آهي ته ڄاڻايل ڊائريڪٽر پاران بيمار شينهن جي علاج تي ڌيان نه ڏيڻ سبب ناياب نسل جو شينهن مري ويو آهي، انهي ڪري کيس هٽايو ويو آهي، انهي جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته فوت ٿي ويل شينهن سميت ڪراچي چڙيا گهر جي سمورن جانورن کي گذريل ٽن ڏينهن کان کاڌ خوراڪ جي سپلائي بند آهي، ان حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضي وهاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئون ايڊمنسٽريٽر هجڻ ناتي شرمنده آهيان ۽ شينهن مري وڃڻ جو ذميوار اهو ڊائريڪٽر آهي، جنهن کي معطل ڪيو آهي، جنهن  جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته هن جانورن کي کاڌو پهچائيندڙ ٺيڪيدار کي ورغلايو ۽ مسئلا پيدا ڪيا، چڙيا گهر ۾ ڪجهه مافيائون سرگرم آهن

  هن چيو ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طور مون آگسٽ ۾ چارج سنڀالي، مونکي ڊائريڪٽر خالد هاشمي خلاف شڪايتون مليون ته مون کيس هٽايو، جنهن عدالت مان اسٽي ورتو ۽ اسانکي بنا ٻڌڻ جي عدالت کيس ٻئي ڀيرا اسٽي ڏنو، جيڪو اتي مقرر ٿيل هو، انهي جي غفلت سبب شينهن مري ويو، واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، جڏهن ته انسان هجي يا جانور هر ڪنهن جي جان عزيز آهي هوڏانهن هٽايل ڊائريڪٽر خالد هاشمي جي جاءِ تي منصور قاضي کي ڊائريڪٽر مقرر ڪري کيس ڪاروهنوار هلائڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن

ھي بھ پڙھندا

ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جو اڇو شينهن مري ويو