روس جي يونيورسٽي ۾ شاگرد جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

0
265

ڪراچي: روسي شهر پرم جي يونيورسٽي ۾ شاگرد جي  فائرنگ سان 5 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي ٿي پيا، فائرنگ دوران شاگرد جان بچائڻ لاءِ يونيورسٽي جي درين مان ٽپو ڏئي ٻاهر نڪتا، روسي خابرو اداري موجب يونيورسٽي ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار به مارجي ويو.

غيرملڪي خابرو اداري موجب پرم شھر جي يونيورسٽي ۾ ھڪ شاگرد اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

يونيورسٽي ترجمان ۽  پوليس عملدارن موجب فائرنگ جي واقعي بعد قانون نافذ ڪندڙ ادارن ايڪشن ورتو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، واقعي جي جاچ جاري آھي.

سوشل ميڊيا تي جاري وڊيوز ۾ ڏسي سگھجي ٿو تھ حملي کان بچڻ جي لاءِ يونيورسٽي جا شاگرد ڪلاس روزمز جي درين مان ٽپا ڏئي رھيا آھن.