زهريلي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرائڻ ناممڪن آهي !؟

0
271
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ماحولياتي گدلاڻ سڄي دنيا جو مسئلو آهي پر ان جا جيترا خراب اثر پوئتي پيل ملڪن ۾ ٿي رهيا آهن اهي ترقي يافته ملڪن ۾ گهٽ آهن ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪ انهي حساس مسئلي کان نه رڳو واقف آهن پر اهي انهي کان بچاءُ لاءِ قدم به کڻي رهيا آهن پر اسان جهڙن ملڪن جو الميو اهو آهي ته انهي ماحولياتي گدلاڻ کي مسئلو ئي نه ٿو سمجهيو وڃي جنهن ڪري انهي کان بچڻ يا انهي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪي سرڪاري طور پاليسيون ٺهندي نظر نه ٿيون اچن ۽ جيڪڏهن انڌا منڊا قانون ٺهيل آهن ته  انهي تي انتظامي طور عمل ئي نه ٿو ڪيو وڃي. جنهن ڪري ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري نه رڳو ماحول تي اثر پئجي رهيا آهن پر ڪيتريون ئي بيماريون ڪر کڻي رهيون آهن.

سڄي دنيا ۽ ملڪ وانگر سنڌ صوبي ۾ به اهو ماحولياتي گدلاڻ اهم مسئلو بڻيل آهي.وڻن جي واڍي کان وٺي  وڌندڙ صنعتن،ٽريفڪ جي دونهين  ڊرينيج جو  گندو پاڻي ۽ صنعتن جو فضلو  واهن ،شاخن ۽ درياءَ ۾ڇوڙ ڪرڻ  ۽ زرعي دوائن جو وڌندڙ واهپو انهي ماحولياتي گدلاڻ جا اهم سبب آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي سڀ اهڙا سبب آهن جن کي جيڪڏهن مڪمل ختم نه ته به گهڻي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو پر اها ذميواري سرڪار جي آهي ته  سيپا ايڪٽ تي  مڪمل نموني عمل ڪرائي. ماحولياتي گدلاڻ اهڙو مسئلو آهي جنهن کي اڃان تائين عام ماڻهو کي  آگاهي ناهي جڏهن ته جيڪي ماڻهو انهي مسئلي جي حساسيت کي سمجهن ٿا انهن مان به ٿوري تعداد کي ڳڻتي هوندي نه ته اڪثر ڪري انهي مسئلي کي  رڳو عالمي ادارن جي فنڊنگ واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ماحولياتي تبديلي بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ماحوليات واري وزير اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جي 5 وڏن شهرن جي گٽرن ۽ صنعتي پاڻي جو سنڌو درياءَ ۽ واهن ۾ ڇوڙ  بند ڪرايو ويندو.سيپا ٽيمن حيدرآباد،سکر ،لاڙڪاڻي،ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي سروي مڪمل ڪئي آهي. گندو ۽ زهريلو پاڻي واهن،شاخن ۽ درياءَ ۾ ڇڏڻ سڀني کان وڏو نقصانڪار آهي. ڇاڪاڻ ته اهو زهر سڌو سنئون انساني حياتين کي نقصان پهچائي ٿو. انهي زهريلي پاڻي سان ٿيندڙ زرعي اپت کان وٺي پيئڻ جوگدلو  پاڻي استعمال ڪرڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون جنهن ڪري هزارين لکين انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون. سنڌ سرڪار صحت کاتي ۾ جيترو خرچ ڪري ٿي يا جيتري بجيٽ رکي ٿي جيڪڏهن انهي جي اڌ جيترو پيئڻ جي پاڻي کي مڪمل صاف رکڻ تي خرچ ڪري ته شايد ايترين اسپتالن جي ضرورت ئي نه پوي. ايئن به ناهي ته ڪو سرڪار ۾ ويٺل ماڻهو انهي کان اڻڄاڻ هوندا ۽ کين خبر نه هوندي انهي لاءِ قانون به ٺهيل آهن پر اصل مسئلو اوليتن ۽ انهن قانون تي عمل ڪرائڻ جو آهي.سپريم ڪورٽ به هڪ درخواست تي واٽر ڪميشن جوڙي هئي جنهن سڄي سنڌ جي واهن ۽ شاخن بئراجن ۽ درياءَ ۾اهڙو گندو ۽ زهريلو پاڻي  ڇوڙ ٿيندڙ  هنڌن جو دورو ڪيو هو ۽ هو ڇوڙ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اهو ڇوڙ اڃان تائين بند نه ٿي سگهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته گندي پاڻي ۽ صنعتن جو زهريلو پاڻي درياءَ ۽ واهن شاخن ۾ ڇوڙ ڪرڻ انتهائي حساس معاملو آهي، اهو گهڻو اڳ ئي بند ٿيڻ گهرجي ها ۽ ڊرينيج لاءِ ڪو متبادل منصوبو هجڻ گهرجي ها پر جيڪڏهن هاڻي به سنڌ حڪومت انهي ڇوڙ کي بند ڪرائڻ جو سوچيو آهي ته اها بهتر ڳالهه آهي ۽ ان تي جيترو جلد ٿي سگهي قدم کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايڪٽ ته اڳ ئي موجود آهي انهي تي رڳو انتظامي طور عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن سرڪار سنجيده ٿي اهوڪم ڪرڻ چاهي ته اهو ناممڪن ناهي.