پاڪ- افغان تعلقاتن جي تاريخ ۽ سنڌ تي ان جا اثر

0
325

 پاڻ جيڪر تاريخ جا ورق ورائينداسين ته پتو پوندو ته هن ملڪ جو ڪو هڪ اڪيلو دشمن ناهي، پر هندستان سان گڏ ٻئي پاڙيسري ملڪ افغانستان جو رويو پڻ ڪو پنهنجائپ وارو ناهي رهيو جنهن مختلف وقتن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي، يعني پاڪستان سان افغانستان جي به اڻ اعلانيل جنگ وڏي وقت کان جاري آهي . پوءِ اها جنگ افغان حڪومت پاران جوٽيل هجي يا اتان جي سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي هجي، اها جنگ افغانين پاران ڪابل مان وڙهي ويندڙ سنئين سڌي جنگ هجي يا ان جنگ لاءِ افغانين جي سرزمين جو اڻ سڌو استعمال هجي!

وري اهو به ڏسڻ جي ضرورت آهي ته انڊيا سان اسان جي ڪشيدگي ايتري آهي جو اتان جي سرحدن تان پکي کي به پر هڻڻ جي اجازت ناهي پر افغانستان مان ايندڙ افغانين جي ڪٽڪن توڙي هر قسم جي رسد جي اچ وڃ تي ڇو ۽ ڇالاءِ ڪڏهن به ڪا پابندي ناهي رهي. ملڪي دفاع لاءِ هندستان تي جيڪي پابنديون آهن اهي ان کان وڌيڪ پاڪستان دشمن ملڪ افغانستان لاءِ ڇو ڪونه آهن. افغانستان سان اهي سڀ مراعتون ۽ محبتون جيڪر مسلمان ملڪ هئڻ جي ڪري مذهب جي نالي تي ٿينديون رهيون آهن ته پوءِ ايران واري پاسي کان اهو عمل ٿيندي ڇو ڪونه ٿو ڏسجي.؟انهن ۽ اهڙن ڪجھه ٻين سوالن تي اسان جي نئين نسل کي سوچڻ گهرجي ته  آخر هن ملڪ جي اهڙي ڪهڙي مجبوري رهي آهي جو  پاڪستان افغانستان جي مسئلي تي سدائين مصلحت جو شڪار ٿيندو رهيو آهي؟ ڇا ان جا ڪي بين الاقوامي سبب آهن؟ بين الاقوامي سبب ڪهڙا به هجن پر هر ملڪ سڀ کان پهرين پنهنجو تحفظ چاهيندو آهي، پر بدقسمتي سان هتي وري ان جي ابتڙ ٿيندو رهيو آهي.

هن وقت جي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته انڊيا ۽ ايران جيتري يا ان کان به وڌيڪ اسان کي افغانستان جي سرحد تي ڪڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي بدليل صورتحال ۾ هن ملڪ جي واڳ ڌڻين جي روايتي لاپرواهي يا مصلحت جي نتيجي ۾ سموري ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي سياسي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي ڀيانڪ اثر پئجي سگهن ٿا.

پاڻ جيڪر تاريخ جا ڪجھه رهجي ويل ورق وري ورائي ڏسون ته اسان کي پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات ڪڏهن به ڪي سٺا نظر نه ايندا. تازو افغانستان جي آخري صدر اشرف غني  ۽ سندس نائب صدر طرفان پاڪستان تي لڳايل خطرناڪ الزامن وارا بيان سامهون آيا جنهن دوران ئي طالبان افغان حڪومت تي قبضي لاءِ پيش قدمي شروع ڪئي، آمريڪا کي ڀڄائڻ لاءِ طالبان جي پيش قدمي پٺيان ڪهڙي مئچ فڪس ٿيل هئي ان بابت هاڻي ڪافي غير ملڪي تجزيي نگار کلي ڳالهائي رهيا آهن جنهن کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته طالبان اڳواڻن ۽ آمريڪا جي اعليٰ سطحي وفدن جو قطر ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ گذريل ڪجهه سالن کان اڳواٽ ئي  ڳالھه ٻولهه جو سلسلو شروع ٿي ويو هو  جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ لاءِ پرامن رستي جي ضرورت هئي ۽ طالبان به مسلسل جنگي حالت مان نڪرڻ لاءِ هر شرط پوري ڪرڻ جي مختلف وقتن تي مختلف ملڪن وٽ حامي ڀري ۽ ضمانت به ڏئي چڪا هئا، نتيجي طور طالبان افغانستان جي اڪثريتي ضلعن ۾ پنھنجو قبضو ڪري بعد ۾ آمريڪا کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ پرامن رستو مهيا ڪيو. اوهان ڏٺو ته ملڪ تي طالبانن جي قبضي باوجود آمريڪا جي آخري فوجي جي ڪابل مان نڪرڻ تائين ڪابل ايئرپورٽ آمريڪي ۽ اتحادين جي قبضي ۾ رهيو. اهي سڀ مرحلا ۽ معاملا اڳواٽ ڪيل معاهدن ۾ طئه ڪيا ويا هئا جن تحت اشرف غني به افغانستان مان آرام سان ڊالرن جا ٿيلها ڀري نڪري ويو. پر ان کان اڳ افغاني صدر اشرف غني ان سموري قبضي جو الزام پاڪستان مٿان هنيو. اهڙي ريت انهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ۽ ان ۾ هلندڙ  سرد ۽ گرم جنگ جاري رهندي اچي پر  ٻنهي ملڪن جي عام عوام کي اهڙن معاملن جي گهڻو تڻو ڪا خاص ڄاڻ ناهي رهي پر حقيقت اها آهي ته چوهتر سال اڳ  1947ع کان ئي افغانستان جا پاڪستان سان تعلقات خراب رهيا آهن. افغانستان دنيا جو واحد ملڪ هو جنهن 1947ع ۾ ئي اقوام متحده ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ جي مخالفت ڪئي هئي، 30 سيپٽمبر 1947ع جي ان ڏهاڙي کان ئي پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات خراب ٿي ويا. سيپٽمبر 1947ع ۾ افغانستان جي حڪومت ڪابل جي گادي واري شهر ۾ افغانستان جي جهنڊي سان گڏ پختونستان جو جهنڊو به لهرائي ڇڏيو ۽ پاڪستان جي وجود جو انڪاري ٿي پاڪستان ۾ پختونن جي الڳ ملڪ جي حيثيت مڃي پاڪستان کي تڪراري ڪرڻ سان گڏ پاڪستان کي ٽوڙڻ جو نظريو به ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن خان غفار خان جو انتقال ٿيو ته سندس وصيت تحت هن جي جنازي کي افغانستان ۾ دفنايو ويو. آگسٽ 1949ع ۾  باچا خان (خان غفار خان) جي زير اثر مرزا علي خان وزير جنهن کي “فقير ايپي” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو تنهن پختونستان جي حمايت جو اعلان ڪيو جنهن جو افغانستان حڪومت ڀرپور ۽ پرجوش خيرمقدم ڪيو ۽ 31  آگسٽ 1949ع ۾ ڪابل ۾ هڪ جرڳو حڪومت جي اهتمام هيٺ ڪيو ويو جنهن ۾ غفار خان ۽ فقير ايپي ٻنهي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ ان جرڳي ۾ هر سال 31 آگسٽ کي يوم پختونستان طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کانپوءِ فقير ايپي هڪ ذاتي جنگجو گروپ جوڙيو جنهن وزيرستان ۾ افغانستان جي مدد سان وڏي پئماني تي ڪارروايون شروع ڪيون، بعد ۾ 1954ع ۾ ايپي فقير جي جنگجو ڪمانڊر  ڊپٽي ڪمشنر بنون جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستان سان  وفاداري جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ ايپي فقير جي بغاوت جون ڪارروايون ختم ٿي ويون. وري 1948ع ۾ روس جي ٺاهيل افغان فضائيه جي جهازن ذريعي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ اهڙي قسم جا پمفليٽ ڪيرايا ويا جن ۾ پاڪستان جي قبائلي علائقي جي پختونن کي پختونستان تحريڪ جي حمايت ڪرڻ لاءِ اڀاريو ويو.

1950ع سيپٽمبر ۾ افغان فوج بغير ڪنهن چتاءَ جي بلوچستان جي علائقن تي حملو ڪيو جنهن جو مقصد چمن کان ڪوئيٽا ريلوي ٽريڪ کي ختم ڪرڻو هو، پورو هڪ هفتو پاڪستاني ۽ افغاني فوجن ۾ جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون.

1950ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم جي قتل ۾ به هڪ افغاني دهشتگرد ملوث نڪتو جنهن راولپنڊي ۾ لياقت علي خان کي گولي هڻي قتل ڪيو ليڪن عالمي دٻاءُ جي ڪري افغان حڪومت ان واقعي ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو.

لياقت علي خان جي قتل جو واقعو پاڪستان ۾ دهشتگردي جو پهريون واقعو هو، اهڙي ريت دهشتگردي جو بنياد پڻ هن ملڪ ۾ افغانستان وڌو. 6 جنوري 1952ع ۾ برطانيه ۾ افغانستان جي سفير شاهه ولي خان هندستان جي هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته آزاد پختونستان ۾ پاڪستان جا جيڪي علائقا شامل ٿيندا انهن ۾ چترال، دير سوات باجوڙ، وزيرستان، تيراهه ۽ بلوچستان به شامل آهن. 1955ع ۾ افغانستان جي صدر دائود خان روس جي اشاري تي پاڪستان جي خلاف انتهائي زهر اوڳاڇيندڙ تقرير ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن 29 مارچ تي ڪابل جلال آباد ۽ ڪنڌار ۾ افغاني عوام پاڪستاني سفارتخاني تي پڻ حملو ڪيو  ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪري پاڪستان جو جهنڊو لاهي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان افغانستان سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري پنهنجو عملو واپس گهرائي ڇڏيو. 1955ع ۾ افغان حڪومت پنهنجي فوج کي پاڪستان خلاف متحرڪ ٿيڻ جو حڪم ڪيو.

نومبر 1955ع ۾ هزارين هٿياربند افغاني  قبائلي جنگجو گروپن جي صورت ۾ بلوچستان جي 160 ڪلو ميٽر سرحدي پٽي ۾ داخل ٿي ويا. مارچ 1960ع ۾ افغان فوج باجوڙ ايجنسي تي حمله آور ٿي جنهن کي پاڪستاني فوج منهن ڏنو.

ساڳئي سال وري افغان فوج باجوڙ ايجنسي تي هڪ ٻيو حملو ڪيو جنهن کي پڻ پاڪستاني فوج ناڪام ڪيو. مئي 1961ع ۾ به افغانستان فوج باجوڙ، صندول ۽ خيبر تي هڪ دفعو وري حملو ڪيو. جولائي 1963ع ۾ ايران جي بادشاهه رضا شاهه پهلوي جي ڪوشش سان پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجون بند سرحدون کولي ڇڏيون.

1972ع ۾ افغانستاني حڪومت جي مدد سان هتي پختونستان تحريڪ کي هڪ دفعو وري متحرڪ ڪيو ويو. 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پاران افغانستان خلاف شروع ڪيل سرگرمين کان پوءِ افغانستان لاءِ ڪجھه عرصو خراب ڏينهن شروع ٿيا جنهن کان پوءِ افغانستان وري بلوچستان ۾  مختلف طريقن سان هٿ چراند ڪرڻ لڳو ۽ ڪجهه اڻ وڻندڙ ڪارروايون شروع ڪيون، بعد ۾ افغانستان حڪومت خفيه طريقي سان پاڪستان ۾ افغان نواز هڪ ويڙهاڪ تنظيم به قائم ڪرائي جنهن اڳتي هلي حيات احمد خان شير پائو جو قتل به ڪيو ۽  خيبر پختونخوا جي گورنر کي بم سان اڏايو.

اپريل 1978ع ۾ روسي حڪومت جي مدد سان افغانستان ۾ ڪميونسٽ جماعت پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي افغانستان  ۾ روسي اسلحي ۽ روسي مجاهدن ذريعي ڪابل ۾ بغاوت ڪئي جنهن کي انقلاب جو نالو ڏنو ويو. ڪميونسٽن جي ان انقلاب جي ذريعي به افغان صدر دائود ۽ هزارين افغانين کي قتل ڪيو ويو ۽ افغانستان ۾ ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي وئي. 1979ع ۾ وري افغاني مجاهد ڪميونسٽ حڪومت خلاف پوري طاقت سان ميدان ۾ اچي ويا، ان دوران هزارين افغانين جو قتل عام به ٿيو پر پوءِ به ڪامريڊ نجيب جي ڪميونسٽ حڪومت مجاهدن کي روڪي نه سگهي ۽ حڪومت لاءِ خطرو محسوس ڪندي صدر نجيب روس کان مدد طلب ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ روس 24 ڊسمبر 1979ع افغانستان تي حملو ڪيو جنهن دوران افغانستان ۾ تاريخي قتل عام ٿيو.  مٿي ذڪر ڪيل سمورين تلخين جي باوجود پاڪستان 30 لک افغانين کي ملڪ ۾ نه فقط سياسي پناهه ڏني پر روس خلاف افغاني مجاهدين جي مدد پڻ ڪئي.

10 اپريل 1988ع تي  اوجهڙي ڪئمپ تي ٿيل حملي جي پٺيان به چيو وڃي ٿو ته روسي انٽيلجينس ادارن جي مدد سان افغان سرڪار مبينا طور ملوث هئي. 1979ع کان 1989ع تائين افغاني فوجن روسي فوج سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني علائقن تي حملا ڪيا.

تازو سال 2019ع ۽ 2020ع جي ٻن سالن واري عرصي ۾ به افغانستان سرحد تي خاردار تارون وڇائڻ واري ڪم  دوران افغان فوج پاران ڪيترا ئي حملا ڪيا ويا.

هاڻي جڏهن افغانستان جي آمريڪي نواز ڪٺ پتلي حڪومت جو خاتمو آيو آهي ۽ هڪ به ماڻهو مارائڻ کان سواءِ طالبان هڪ دفعو ٻيهر اچي ويا آهن تڏهن انهن ڳالھن تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ افغانستان سدائين پاڪستان جي خلاف رهيو آهي پر پوءِ به خبر ناهي ڇو پاڪستان سرڪار ۽ ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي افغانستان سان هميشه نرم رويو رکندا پيا اچن.

اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جو ڀلو ان ۾ آهي ته موجوده حالتن ۾ افغانستان جي سرحد کي مڪمل طور سيل ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به افغاني کي ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ وڃڻ تي سخت بندش هجي پر جيڪر انساني يا مذهبي همدردي جي ڪري انهن کي ڪا پناهه ڏيڻ ضروري به هجي ته به سرحدي پٽي سان گڏ هنن جون ڪئمپون قائم ڪيون وڃن، جي ايئن نه ڪيو ويو  ته پوءِ پاڪستان سان ته هو هونئن به وڙهندا رهيا آهن پر هاڻوڪي سندن ويڙھ ان ڪري به خطرناڪ ثابت ٿيندي جو هاڻي هنن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، خاص طور تي سنڌ ۾ افغانين جي آمد سبب اڳتي هلي سنڌ جي وجود لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿيندو. اها ڳالھه هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کي به سمجهڻ گهر جي ته جيڪر سنڌ جو وجود خطري ۾ هوندو ته هن ملڪ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟