ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) پاڪستان جي ماهيگيرن مطالبو ڪيو آهي ته مھاڻن جي حقن ۽ روزگار کي تحفظ فراهم ڪري، پائدار فشريز پاليسي ترتيب ڏئي، ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستاني مهاڻن کي آزاد ڪرائي مٺي پاڻي ( ڍنڍن) تان قبضا ختم ڪرائي، ٽرالر مافيا کي جاري ڪيل لائسنس رد ڪري، بيرزگار مهاڻن لاءِ روزگار جو بندوبست ڪري، مهاڻن جي عالمي ڏھاڙي کي سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي، ڪالهه مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان صدر جي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته اڄ  مهاڻن جو عالمي ڏينهن ”اوشين گريبنگ ۽ بليو اڪانامي خلاف ڪارروائي“ جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. سڄي دنيا ۾ ننڍي پيماني تي ماهيگيري ڪندڙ مهاڻن کي بيروزگاري ۽ خوراڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. حد کان وڌيڪ مڇي جي غير فطري شڪار ۽ ماحولياتي تباهي سبب دنيا جي 30 ڪروڙ کان مٿي مهاڻن جو روزگار خطري ۾ پئجي ويو آهي،  اسان سڀني کي گڏجي انهي تباهي کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته  ڍنڍن ۽ ڍورن تي  قبضا، سامونڊي حدن جي آڙ ۾ مهاڻن جون گرفتاريون، سامونڊي ٻيٽن تي قبضا، تمر جي ٻيلن جي غير قانوني واڍي، مڇيءَ جي نسل ڪشي، مهاڻن کي مڇيءَ جو مناسب اگهه نه ڏيڻ،  غير لاڳاپيل ماڻهن جو ماهيگيري ۾ جُنبڻ، مهاڻين جي آبادين ۾ تعليم، صحت ۽ روزگار جا بهتر ذريعا نه هجڻ جا مسئلا درپيش آهن، ياسمين شاهه  چيو ته پاڪستان جي سمنڊ مان 70 سيڪڙو مڇيءَ جا ذخيرا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن سان 40 لک مهاڻن جو روزگار خطري ۾ آهي.. رمضان ملاح چيو ته  مھاڻن کي بنيادي حق ۽ روزگار جو تحفظ ملي نه سگهيو آهي، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ڪرامت علي  ۽ ٻين گهر ڪئي ته مهاڻن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن،