راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شهر ۾ گذريل ھڪ ھفتي کان ٺڳن جا ٽولا سرگرم آهن، ٻن واپارين کان ڏينهن ڏٺي مختلف نمونن سان وارداتون ڪري دخل مان 52 ھزار کڻي وڃڻ واري خبر پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ راڄوخاناڻي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، ڪالهه پوليس سول ڊريس ۾ ٺڳن خلاف ڪارروائي ڪري کين ھٿيڪو ڪري ورتو. ڪيلاش عرف ڪيلو ڏامواڻي جي دڪان تي ھڪ شڪي ماڻهو جيئن دڪان تي چڙھيو ته ھن کي شڪ پيو ۽ ھن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن نور حسن ولد دادلو شيخ، عبدالله ولد گل محمد شيخ، الھڏنو ولد پوڙھو شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي ماتلي جا ٻڌايا وڃن ٿا. جڏهن ته پوليس گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي.