حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪمند جو اگھ 250 رپيا آبادگارن ۽ ھارين کي قبول ناھي ان لاءِ ڪمند جو نئون امدادي اگھ 400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته فصلن تي وڏا خرچ ٿين ٿا، ان حساب سان آبادگارن کي فصلن جي قيمت نٿي ڏني وڃي. اڳ ئي سنڌ ۾ زراعت بدحالي جو شڪار آھي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ڪمند جو اگھ 300 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪمند جو اگھ مقرر ڪري نه سگهي آهي. 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ حڪومت سمورن کاتن جي ذميوار آھي پر تنهن باوجود سنڌ جي زراعت تباھي ڪناري تي پهتل آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي 24 شگرملن مان 19 کان وڌيڪ شگرملون اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ويجهن دوستن جون آهن پر پوءِ به ڪمند جي آبادگارن کي رهتون نٿيون ڏنيون وڃن.