رهڙڪي (ن پ ا) رھڙڪيءَ لڳ  ڳوٺ ڪوڙو  سميجو ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو امداد علي سميجو سخت زخمي ٿي پيو. نوجوان جي والد پير بخش سميجي مخالفن مٿان اڳرائيءَ جو الزام هڻندي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او ڏهرڪيءَ کان مطالبو ڪيو  ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.