خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ انڊس هاءِ وي  تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو ، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ گهارو جو رهواسي 35 ورهين جو مير مرتضي’ ڀٽو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن سندس سئوٽ 25 ورهين جو قربان علي ڀٽو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  هوڏانهن پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور سردار علي پٺاڻ کي گرفتار ڪيو آهي.