گهوٽڪي (رپورٽر) رحيم يارخان جي پکا لاڙان واري علائقي ۾ بااثر ظفر چانڊيو پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪارنهن الزام جي شڪ ۾ پنهنجي عدالت لڳائيندي نوجوان محمد اسلام چانڊيو جا هٿ پير ٻڌي انسانيت سوز تشدد ڪري مٿو ڏاڙهي مڇون ڪوڙي نوجوان جي تذليل واري وڊيو ڀري وائرل ڪري ڇڏي. متاثر نوجوان محمد اسلام چانڊيو جو چوڻ آهي ته مان رشتيدار جي شادي ۾ ويل هيس ته ڄاڻايل جوابدارن دوستن سان ملاقات ڪرائڻ جو چئي گهر وٺي وڃي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪيو. رحيمار خان پوليس موجب ته هي واقعو 2 هفتا اڳ رحيم يار خان جي پکا لاڙان واري علائقي ۾ پيش آيو هو. واقعي جو ڪيس جوابدار ظفر علي چانڊيو مدني چانڊيو مٿان داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.