رپڙي (ن پ ا) ڳوٺ صادق ڪلھوڙو جي ڳوٺاڻن نظير ڪلهوڙو، محمد ميول، مٺل ۽ امتياز ڪلهوڙو احتجاج ڪندي چيو بااثرن ڇٽل، محرم، يوسف ڪلھوڙو اسان جي 5 جريب ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي ،لکن جو نقصان ٿيو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته صادق ڪلهوڙو ٿاڻي تي جوابدارن خلاف باھ جي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.