لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته  احتجاج ڪرڻ پي  ٽي آءِ جو جمهوري حق آهي، پر حڪومت پرامن احتجاج جي آڙ ۾ خوني احتجاج ٿيڻ نه ڏيندي، ايٽمي اثاثن ۽ ملڪ جا ٽي ٽڪرا جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان را ۽ اسرائيل جو ايجنٽ آهي. اهڙيون ڳالهيون اسرائيل ڪندو هو جيڪي هاڻي عمران خان ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار کهڙو لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي لاءِ رقم فراهم ڪرڻ ۾ سزا يافته حافظ سعيد جي حمايتي پي ٽي آءِ حڪومت وڃڻ کان پوءِ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي سڀني نقطن تي عمل درآمد جي روشني ۾ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گري لسٽ مان نڪرڻ جا امڪان واضع ٿيڻ جو ڪريڊٽ وٺندڙ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ڪابينا جي ان وقت جي هڪ وزير به حافظ سعيد جي حمايت ڪري کيس هيرو قرار ڏنو هو جنهن تي ايف اي ٽي ايف پنهنجي ڀرپور خدشن جو اظهار پڻ ڪيو هو. نثار کهڙو چيو ته رائو انوار مطابق جيڪڏهن رحمٰن ملڪ محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرڻ بابت چيو هو ته رحمٰن ملڪ ان وقت ڪنهن سرڪاري عهدي تي يا وزير نه هو ته هو ڪيئن اهڙا حڪم جاري ڪري پرويز مشرف جو نالو شامل ڪرائڻ لاءِ زور ڀري سگهي پيو. هن چيو ته 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر بينظير ڀٽو جي جاءِ شهادت واري هنڌ کي فوري ڌوئي صاف ڪيو ويو ته پوءِ پرويز مشرف کي ذميداري کان آجو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي ان لاءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو ڇو نه وٺون؟. هن چيو ته بيت الله محسود کي به پرويز مشرف بچائيندو رهيو ۽ ايتري حد تائين پرويز مشرف ته اسامه بن لادن جي زندهه هجڻ تي به اِها دعويٰ ڪئي هئي ته هو مري چڪو آهي. هن چيو ته آمر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس، آئين سان غداري واري ڪيس سميت گهڻين ئي ڳالهين جو جوابدار آهي. نثار کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمٰن هڪ طرف عمران خان جي خلاف آهي ته ٻئي طرف پنهنجي لاڙڪاڻي جي جي يو آءِ قيادت کي پي ٽي آءِ سان اتحاد جي اجازت ڏني آهي ته پوءِ مولانا فضل الرحمان سان پنهنجي اها پاليسي واضع ڪرڻ بابت ڳالهايو ويندو.هن چيو ته 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ شام جو 6 وڳي وڏو جلسي عام ڪيو ويندو جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.