ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ کنوڻ ڪرڻ  جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ٿيا آهن. برساتن بعد آيل ٻوڏ سبب 40 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻين واقعن ۾ به 4 ڄڻا حياتيون وڄائي ويٺا آهن. مقامي ميڊيا موجب برساتن کانپوءِ دريائن پاڻي جي سطح تيزي سان بلند ٿي رهي آهي ۽ جڏهن ته ڀارتي سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ سخت ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي.