سکر /پنوعاقل (رپورٽ: فاروق سومرو /نديم بوزدار) شاھ ٻيلي جي ڪچي ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان مھر ۽ جتوئي ڌرين جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، جديد ھٿيارن سان ڪيترائي  ڪلاڪ ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ٻنھي ڌرين جا 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي، ٻن ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيا، ڌريون هڪ ٻئي مورچابند ٿي ويون. خبر موجب سکر ۽ پنوعاقل جي ڪچي شاھ ٻيلي۽ الف ڪچي جي وچ واري علائقي ۾ سرڪاري زمين جي مالڪيءَ تان مھر برادري ۽ جتوئي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. ڌرين وچ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ جاري رهي، نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ وڌيڪ 2 زخمي ٿي پيا، جن ۾ عبدالواحد جتوئي ۽ سچل مھر کي علاج لاءِ وارث سکر سول اسپتال کڻائي پھتا. جڏھن ته مارجي ويل ٻنھي ڄڻن اسلام جتوئي ۽ ياسين مھر جا لاش ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رھيا. فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس پري بيهي تماشو ڏسندي رهي. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ وارث لاش کڻائي سکر پھتا، جتي قانوني ڪارروائي بعد مڙهه سندن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي کڏھڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جتوئي ۽ مھر برادريءَ جي ٻنھي ڌرين ۾ سرڪاري ٻيلي جي زمين جي مالڪي تان پراڻو ڇڪتاڻ ھلندڙ هئي. هوڏانهن ٻن ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ ڌريون مورچابند بڻجي ويون آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.