رت جي رشتن ۾ موجود نفرتون، خوني ويڙھاند ۾ تبديل

0
126
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فاروق سومرو سکر مان لکي ٿو

سکر ضلعي جي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ويجھو ڳوٺ گيلو ۾ سڳن ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جي ورھاست  تان هڪ خوني واردات ٿي آهي، جنھن ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت 6 انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته  پراڻي سکر واري علائقي مان 14 سالن بعد لڏپلاڻ ڪري پنھنجي اباڻن ڪکن ڏانھن موٽندڙ غلام اڪبر شيخ، سندس گھرواريءَ نسرين، ڀائر غلام محمد شيخ، غلام نبي شيخ سان گڏ وڃي رھيو ھو ٿيڻ ته ايئن گھرجي ھا ته ڪافي عرصي کان وڏي ڀاءَ جي اچڻ تي سندس ڀائر خوشيءَ ۾ کيس خاندان سميت آجيان ڪن ھا پر ايئن نه ٿيو، ڇو جو ڀائرن ۾ اڳ ئي زمين جي مامري تان نفرتون ڀريل ھيون تنھن ڪري انھن مان احترام ۽ رت جي رشتن وارو ڄڻ تي ڀرم ئي کسجي ويو.

غلام اڪبر شيخ  سميت ٽن ڀائرن ھڪ سال اڳ والد غلام رسول شيخ جي لاڏاڻي کان پوءِ اباڻن ڪکن ڏانھن واپس وڃڻ جو تڏھن فيصلو ڪيو جڏھن کين ڄاڻ ملي ته ڳوٺ ۾ موجود گھرن مان سندن ڀائر وڻن جي واڍي ڪري رھيا آھن ۽ ورھاست واري زمين به ڏيڻ کان انڪاري آھن، جنھن ڪري ھنن ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي گھر جو سامان کڻي لڳ ڀڳ 20 ڪلو ميٽر مفاصلو طئي ڪرڻ بعد جڏھن گھرن جي چند قدم مفاصلي تي پھتا ته سندن ڀاءَ غلام شبير شيخ واري ڌر پھچي وئي، جِتي ٻنھي ڌرين ۾ ٿيل منھن ماري خوني جھيڙي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، رت ۾ ٻڏل مقتولن جا لاش روڊ جي ڪناري موجود ھئا، جيڪي قيامت خيز منظر جا ڏيک ڏئي رھيا ھئا، مقتولن جا وارث ھڪ ٻئي کي چنبڙي اُڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندي روئيندا رھيا هئا. خوني تڪرار جي نتيجي ۾ 6 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ بڪتربند گاڏين سميت پھچي وئي، آس پاس وارن علائقن ۾ رھندڙ عورتون توڙي مرد گھرن کان خونريزيءَ جو ٻڌي ٻاھر نڪري آيا، رت جي رشتن طرفان ھڪ ٻئي جو زمين جي ورھاست سبب خون وھائڻ واري ڳالھه سبب انھن جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ ھر طرف سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

 

ھڪ ئي وقت 6 ڄڻن جي مارجڻ واري اطلاع ملڻ بعد ميتون پوسٽ مارٽم ۽ زخمين جي حياتي بچائڻ لاءِ ايڌي رضاڪار ايمبولنسن سان گڏ ڳوٺ گيلو پھتا ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ مسمات تسليم کي سکر اسپتال پھچايو ويو جتان ڊاڪٽرن کيس ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آھي. 50 ورھين جي مقتول غلام اڪبر شيخ ۽ سندس 48 ورھين جي گھرواري مسمات نسرين جي جنازي نماز رات جو دير سان سکر جي بئراج ڪالونيءَ ۾ ادا ڪئي وئي، جڏھن ته مقتول غلام نبي شيخ، غلام محمد شيخ ۽ سندس ڀائٽي اويس شيخ جي جنازي نماز لانچ موڙ چوڪي سامھون صبح جو ادا ڪئي وئي. ٻن سڳن ڀائرن وچ ۾ خوني جھيڙي جي ور چڙھيل ٽريڪٽر ڊرائيور نوجوان پرويز شيخ جي جناز نماز قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي. زمين جي ورھاست تان مارجي ويل عورت سميت ڇھن ئي مقتولن جي تدفين ڳوڙھن ۽ سڏڪن ۾ نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي. مقتولن جا بئراج ڪالوني ۽ آچر گھٽيءَ ۾ الڳ الڳ تڏا رکيا ويا آھن، مقتول غلام اڪبر ۽ سندس گھرواري جو تڏو بئراج ڪالوني، جڏھن ته غلام نبي، غلام محمد ۽ سندن ڀائٽي اويس شيخ جو تڏو آچر گھٽيءَ ۾ وڇايو ويو آھي. مقتولن جي وارثن سان تعزيت وارو سلسلو جاري آھي.

پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران پتو پيو آھي ته 5 سڳن ڀائرن وچ ۾ زمين جي ورھاست واري مامري تان تڪرار ھلندڙ ھو، واقعي واري ڏينھن ٻن ڀائرن غلام شبير ۽ غلام فاروق طرفان غلام اڪبر شيخ جي زمين تان وڻ وڍڻ  تان جهيڙو شروع ٿيو، جهيڙي دوران غلام شبير ۽ غلام فاروق جي ڌر فائرنگ شروع ڪئي، نتيجي ۾ غلام اڪبر، سندس ٻه ڀائر ۽ سندس گهر واري سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ٻي ڌر جي غلام شبير جو پٽ اويس به قتل ٿي ويو. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جو چوڻ آھي ته جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي آھي، واقعي ۾ ملوث غلام شبير شيخ جي گهر مان ھڪ رائفل برآمد ڪئي وئي آھي، جڏھن ته جوابدارن گرفتاري لاءِ پوليس پاران ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، مقتول غلام اڪبر شيخ جي پٽن غلام محي الدين، غلام نبي شيخ جو چوڻ ھو ته اسان سکر جي قريشي ڳوٺ مان لڏي پنھنجي ڳوٺ پھتاسين ته اسان جي چاچي غلام شبير سان منهنجي والد جي منهن ماري ٿي جنهن بعد لٺين جو جھيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ چاچي غلام شبير وارن سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهنجو والد  غلام اڪبر، منهنجي امڙ مسمات نسرين ۽ ٻه چاچا غلام محمد، غلام نبي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور پرويز جيڪو اسان جو سامان کڻي ھليو ھو اھو به مارجي ويو آهي، اسان 14 سال اڳ ڳوٺ مان انھن ئي مسئلن جي ڪري لڏي سکر جي قريشي ڳوٺ ۾ ڪرائي جي جاءِ تي  ويٺا ھئاسين جنهن بعد 15 ڏينهن اڳ منهنجي چاچي غلام شبير اسان جي گهر ۾ بيٺل 15 وڻ وڍرايا ۽ بابا کي گڏيل ملڪيت 150جريب زمين مان پڻ حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري رھيو ھو، منھنجو والد سڀني ڀائرن ۾ وڏو ۽ ٻه چاچا پڻ بابا سان گڏ ھئا جن چيو ته اسان ڳوٺ ھلي رھنداسين جتي رھي ڪري پنهنجي خانداني زمين جو حصو وٺنداسين پوءِ جيئن ئي ڳوٺ پھتاسين ته اھو واقعو پيش آيو آهي.

پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران پتو پيو آھي ته 5 سڳن ڀائرن وچ ۾ زمين جي ورھاست  تان تڪرار ھلندڙ ھو، واقعي واري ڏينھن ٻن ڀائرن غلام شبير ۽ غلام فاروق طرفان غلام اڪبر شيخ جي زمين تان وڻ وڍڻ واري معاملي تان جهيڙو شروع ٿيو، جهيڙي دوران غلام شبير ۽ غلام فاروق جي ڌر فائرنگ شروع ڪئي، نتيجي ۾ غلام اڪبر، سندس ٻه ڀائر ۽ سندس گهر واري سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ٻي ڌر غلام شبير جو پٽ اويس به قتل ٿي ويو. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جو چوڻ آھي ته جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي آھي، واقعي ۾ ملوث غلام شبير شيخ جي گهر مان ھڪ رائفل برآمد ڪئي وئي آھي، جڏھن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.